ابر عربي زبان جو لفظ ”ابرة“ مان ورتل آهي. جنهن جي لغوي معنيٰ آهي سُئي. سنڌ جي سرتاج صوفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح پنهنجي ڪلام سر مارئي (داستان ٽئين) ۾ پڻ ”ابِر“ کي استعمال ڪندي فرمائي ٿو ته:[1]


پاڇا هي نه پاڙيان، سرتيون! سئيءَ ساڻ؛
ڍڪي اگهاڙن کي، ڪين ڍڪيائين پاڻ؛
ٻيهر ڄاپي ڄاڻ، اِبر جي اوصاف کي.