اُميري ڪورين جي اصطلاح ۾ ڌاڳي جي ٻن ٽڪرن يا ٻن تندن جون پڇاڙيون ڳنڍي، وٽ ڏنل ڳنڍ. اُڻاوت ڪندي تاڃيءَ جي تند ٽٽي پوي ته ڪوري تند کي اهڙيءَ طرح ڳنڍيندا آهن، جو تند ٻين تندن سان ملي هڪجهڙي ٿي ويندي آهي ۽ اوڄي ۾ بہ عيب نہ ٿيندو آهي. انهيءَ ڳنڍ جو طريقو هن طرح آهي، جو ٽٽل تند کي ڇِڪَ ڏيئي ٻيءَ تند سان ڳنڍي، اهڙيءَ طرح ٻنھي تندن کي وٽ ڏيندا آهن، جو ٻنھي تندن جو اَوٽ پاڻ ۾ وٽجي ملي ويندي آهي. انھيءَ ڳنڍ کي ”اُميري“ چوندا آهن. لطيف سائينءَ جو بيت آهي:

ڇِنَنِ توءِ مَ ڇنُ، پاءِ اُميري اُن سين،
جي هُو اَوڳڻ ڪَنِئي، اَسُونهين! تہ تون ڳُڻان ئي ڳِن،
پاندُ جهليو تون پِنُ، هِن سونهاري سڱ کي.

واڻ جي ٽٽل تند کي انهيءَ طرح وٽ ڏئي ڳنڍڻ کي وري ”ڳوپ ڏيڻ“ چوندا آهن.[1]