مک مينيو کوليو

شروعاتي انسانن زمين جي پيٽ مان سرسبز سلا اڀرندي ڏٺا ۽ مختلف اناج، ٻوٽا ۽ ميووا زمين جي پئدائش هئڻ ڪري، هنن ڌرتيءَ کي انسان جي بهتر زندگي جو ضامن ڄاڻندي، ان جي پوڄا ڪرڻ لڳا، ۽ ان کي ماءُ ڪوٺڻ لڳا. ڇو جو عورت (ماءُ) ۽ ڌرتي ٻئي تخليق ڪندڙ شيون هيون. جڏهن عورت ننڍڙا گلاب جهڙا چهرا پئدا پئي ڪري سگهي ته ٻئي طرف ڌرتي جي سيني مان مختلف سون ورنا سنگ ۽ ڳاڙها ساوا ٻوٽا اڀرن پيا ۽ اتان فصل جنم وٺن پيا. ان ڪري انسان جي من ۾ انهن ٻنهي شين سان محبت ڪرڻ اڻ ٽر ڳالهه هئي. ان ڪري ئي هنن جو عقيدو هو ته، آسمان کي ۽ ستارن ڏي ڇو ڏسون، اُن ڌرتي جي ڌوڙ ڇو نه چمون، جيڪا اسان جي بهترين زندگي جي ضامن آهي. ان ڪري قديم ماڻهن ”ڌرتي-ماتا“ جي پوڄا شروع ڪئي، ان جا بت ٺاهيا، جيڪي عورت جي ئي شڪل جا هيا. سنڌو ماٿر جي قديم آثارن مان ”ماتا-ديوي“ جا مجسما نڪرڻ جو اصل سبب اهو ئي هو. [1][2]

آڳاٽي ابتدائي سماج جي شروعات ۾ سڀئي رشتا ماءُ جي حوالي سان سڃاتا ويندا هئا. سڀ کان وڏِي، پوڙهِي، جهونِي ماءُ سڄي راڄ جي ماءُ هئي. اها ئي سڀني جي کاڌي پيتي، ڏک سک، رهڻي ڪهڻيءَ، اٿا ويٺيءَ جو لحاظ ۽ خيال ڪندي هئي ۽ هر هڪ جي گهرج جي خبرچار رکندي هئي، ٻيون جوان مائرون به هيون، پر انهن جي وڏي به اها ئي پوڙهي ئي ماءُ هئي. سڀ ان جو اولاد هئا. ابتدائي راڄ جي ان قسم کي اَماڻو، مائاڻو، يا ماءُ وارو راڄ يا سماج (matriarchal society) سڏجي ٿو.

مائن جي ماءُ گهڻي قدر سٺي، سٻاجهي، مٺي، مهربان، سيبتي، سلڇڻي ۽ پرگهور رکندڙ هئي. هر نيڪي، چڱائي، سلڇڻائي، پنهنجائپ، پيار، انس (لڳاءُ)، سڪ، ساڃاهه ۽ ڪردار جي سونهن رکندڙ ماءُ مهربانيءَ ۽ ٻاجهه جو حوالو هئي ۽ راڄ جو هر چڱو ڪم انهن جي ڳالهين، سوچن ۽ عملن موجب پرکيو ويندو هو. نيڪ سيرت، چڱيءَ چلت واريون مائرون نيڪيءَ، سونهن، سلڇڻائيءَ ۽ مهربانيءَ ۾ سڀني کان سرس هئڻ ڪري نيڪيءَ جو نشان بڻجي وينديون هيون ۽ ان جهوني ماءُ جي انهن چڱائين جون يادگيريون سندس مئي پڄاڻا به پيون هلنديون هيون ۽ ڳڻ پيا ڳائبا هئا. مٺڙيون ڳالهيون ته منهنجيءَ امڙ جون، سڀ جي پيٽ جي کيس خبر هئي، ان کان وڌيڪ ٻيو ڪير آهي جو ايڏي اڪير رکي وغيره. لاڳيتيون يادون، يادن ۾ وسندڙ خاڪو، ڀلائيءَ ۽ چڱائيءَ جو ماءُ سان واسطيدار تصور، پيار ۽ سڪ جو انساني عڪس، هڪ مٺيءَ ماءُ جو اولڙو اڳتي هلي ماءُ جي انساني روپ کان وڌي ياد ۾ خيالي روپ کي پختو ڪيو. ماتا ديويءَ جو تصور ايئن ٺهيو.

انسان جي ياد ماءُ جي روپ تي ماتا ديويءَ کي جنم ڏنو. ڌرتيءَ به پنهنجي سيني تي سڀ کي سانڍيو، پاليو ۽ پناهه ڏني پئي. ڌرتي به ماتا جيان سٻاجهي ۽ سهڻي آهي. ڌرتي ماتا ۽ ماتا ديويءَ ۾ ڪو خاص فرق ڪونهي. پيار جي ديوي، سونهن جي ديوي، آباديءَ جي ديوي، ساوڪ جي ديوي، اوسيئڙي جي ديوي، امن ۽ شانتيءَ جي ديوي، وغيره ان اَماڻي يا ماءُ واري زماني مان ڦٽي نڪتل تصور آهن جن اڳتي هلي عقيدي ۽ ڌرم جي شڪل اختيار ڪري ورتي.[3][4][5]

قبيلن جي جٿن جي جلوس جي سرواڻي قبيلي جي مک عورت ڪندي هئي ۽ سڄو قبيلو ان جو احترام ڪندو هو. عورت کي ان وقت سماج ۾ تمام سٺيءَ نظر سان ڏٺو ويندو هو. ۽ هن کي ’ڌرتي-ماتا‘جو درجو مليل هو. ۽ ان ”ڌرتي ماتا“ جون مورتون سنگتراش تراشڻ ۾ فخر محسوس ڪندا هئا. هيءُ سماج ”ماءُ آدرشي“ سماج هيو. ڇو جو عورت ئي کيتي جو رواج وڌو ۽ فصلن کي اپائڻ ۾ هن جو ئي هٿ سمجهيو ويندو هو. سر جيمس جارج فريزر پنهنجي مشهور ڪتاب گولڊن بو (Golden Bough) ۾ ان بابت چوي ٿو ته، ”هندستانين (سنڌين) جو اعتقاد هو ته عورت کي ماءُ جي حيثيت ۾ جنم ڏيڻ ۽ گهڻي اناج کي پيدا ڪرڻ جي قوت هئي.“ ان ڪري ئي عورت کي سنڌي معاشري ۾ اهم مقام حاصل هيو ۽ ان جي عزت ڪئي ويندي هئي. جڏهن فصلن جي ڪٽائي ٿيندي هئي ته عورت ئي فصل لڻڻ جي شروعات ڪندي هئي ۽ اناج جي ڪٽائي جي جلوس يا محفلن جي سرواڻي پڻ عورت ڪندي هئي. سنڌوءَ جي ڪناري 14 تاريخ جي چانڊوڪيءَ ۾ جيڪو ناچ ٿيندو هو، ان ۾ اهم ڪردار عورت ئي ادا ڪندي هئي.[6]

سراج الحق ميمڻ، سنڌ اندر اماڻي يا ماءُ آدرشي سماج جي حوالي سان هن ريت لکيو آهي، ”علم الانسان جي لحاظ کان اول اول سنڌ اندر اماڻو يا ماءُ آدرشي سماج هيو. جنهن ۾ عورت سردار هئي. ڇو جو هن اناج پوکڻ ايجاد ڪيو. هتي جي انسانن ڏٺو ته عورت هڪ دلچسپ چيز هجڻ سان گڏوگڏ سموري تخليق جي ماءُ آهي. نه رڳو هوءَ خوبصورت ٻارڙا پيدا ڪري ٿي، پر فصل به هوءَ پيدا ڪري ٿي. ان ڪري عورت جي ان تخليقي قوت کي پوڄا لائق سمجهيو ويو. هن کي ديويءَ جو درجو ڏنو. گهڻو ڪري قديم ماڻهن جا بت ديوين جا آهن ۽ هو انهيءَ جي ئي پوڄا ڪندا هئا. عورت جي شرم گاهه ۽ ٿڻن کي تخليقي قوت جو مظهر ۽ منبع سمجهيو ٿي ويو. ان ڪري انهن ٻنهي جسماني عضوون، پيڪ ۽ ٿڻن کي سڀ کان وڌيڪ پوڄا لائق ٿي سمجهيو ويو.“ [7]

حجت عباسي سنڌ اندر اَماڻي يا مائيتي سماج جي حوالي سان هن ريت لکيو آهي، هڪ ايشور جي تصور جو مطلب هئو هڪ متحد رياست جو وجود، هڪ ملڪ جو تصور جنهنجو آغاز سنڌ جي شهري رياست جي بنياد پوڻ کان شروع ٿيو هو. مادري سماج جي جائيَ، پدري سماج والاري ته شو شڪتي جي ارڌاناري يعني قديم اشتمالي سماج جو خاتمو آيو، جنهنجي جي جڳهه پدري سماج جي ڪري عورت سماجي برابري جي رتبي کان محروم ٿي گهر جي داسي بڻجي وئي ۽ آھستي آھستي پنهنجو پراڻو مائيتي سماج وارو مقدس تقدص ۽ مر تبو وڃائي چادر ۾ ويڙھجي مرد جي ذاتي ملڪيت بڻجي ۽ چو ديواري جي اندر واڙ جي وئي اهڙي ريت آرين جي اچڻ سان غلامداراڻي سماج جو آغاز ٿيو شو شڪتي ماتا کان جدا ٿي ۽ شڪتيءَ جو پڻ ڀڳوان بڻجي ويو.

سنڌ اندر ٻني ٻاري ڪرڻ جي شروعات کان وٺي اماڻي سماج يا ماءُ آدرشي سماج شروع ٿيو. يعني شروع کان اَماڻي يا ماءُ آدرشي“ سماج جو هتي بنياد پيو ۽ اهو تيستائين جاري رهيو، جيستائين زرعي ترقي گهڻي ترقي حاصل نه ڪري ورتي. ان عورتاڻي آدرشي سماج جا ڪافي آثار سنڌو ماٿري ۾ مليا آهن. مسٽر ڪارٽر ڪراچيءَ جي مول واديءَ مان ڪجهه پٿر لڌا آهن، جن تي عورتاڻي آدرش جي هڪ صورت ۾ ڪنول جا چٽ کوٽيل آهن. قديم زماني ۾ عورت جي شرم گاهه (پيڪ) کي تخليقي مرڪز سمجهندي ان کي ڪنول جي گل سان تشبيهه ڏني ويندي هئي. مصور ان تخليقي مرڪز کي مختلف اهڃاڻن سان ظاهر ڪندا هئا. ڪي عورت جي شرم گاهه مان گل ۽ ٻوٽا ڦٽندي ڏيکاريندا هئا ته ڪي وري ان کي ڪنول جي گل جي مختلف شڪلين رستي ظاهر ڪندا هئا.

آمري، ڪوٽڏجي، موهن جي دڙي جي صفا شروعاتي آباديءَ وارن تهن مان اسان کي ان ”ماءُ آدرشي“ سماج جا آثار مليا آهن. جڏهن زرعي ترقي ٿي ۽ زراعت به مردن جو ڪم بڻيو ته ”ماءُ آدرشي“ سماج ٽٽي پيو ۽ ”پيءُ آدرشي“ سماج شروع ٿيو. موهن جي دڙي جي وچين دور کان اباڻو يا پيءُ آدرشي سماج ملي ٿو. ان کان اڳ هيٺين تهه مان مليل مورتون اماڻي يا ماءُ آدرشي سماج جي ساک ڀرين ٿيون. موهن جي دڙي جي هڪ مهر تي هڪ عورت جي تخليق گاهه (پيڪ) مان سلو اڀرندي ڏيکاريو ويو آهي. جيڪو عورت کي تخليق جو مظهر سمجهڻ جو وڏو ثبوت آهي. ان کان سواءِ ضلع دادو ۾ آمريءَ جي اتر اوڀر واريءَ حد ۾ هڪڙو موهن جي دڙي جو هم عمر ماڳ ”لاکيو“ مليو آهي. جتان اسان کي ”ماتا ديوي“ جون مورتون مليون آهن. ساڳي نموني جون مورتون يعني ”ماءُ آدرشي“ سماج جا ثبوت اسان کي آمريءَ جي هم عمر ماڳ ڪلي ۽ ميهي مان پڻ مليا آهن.[1][2][8]

مادراڻو نظامسنواريو

آڳاٽي زماني ۾ انسان هڪ اهڙي عام جنسي ميلاپ ڪرڻ جي هڪ اهڙي دور مان گذري چڪو آهي، جنهن سريت بازي (Hataerism) جو نالو ڏنو وڃي ٿو. جنهن ۾ جنسي ميلاپ ڪرڻ جو نتيجو اهو هوندو هو ته ڪنهن به شخص کي پيءُ جي سڱ جي گهڻو ڪري خبر نه هوندي هئي. ان ڪري نسلي شجرو مادراڻي طور تي ياد ڪيو ويندو هو. اهو مادراڻو شجري جو رواج گهڻو ڪري آڳاڻي دور جي انسانن ۾ عام طور تي رائج هوندو هو. ان جو نتيجو هي نڪتو هو ته عورتون مادراڻي حق واري حيثيت ۾ نسل جون مورث سمجهيون وينديون هيون. ان ڪري پنهنجي نوجوان نسل وٽ وڏو احترام حاصل ڪنديون هيون. انهيءَ احترام جو نتيجو هي نڪرندو هو ته ملڪي انتظاميا (حڪومت) هلائڻ به وٽن مادراڻو نظام Gynecocracy هلندو هو.[9]

  1. 1.0 1.1 سنڌو سڀيتا جي اوسر (رڪ سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر
  2. 2.0 2.1 ڪتاب: سنڌو سڀيتا جي اوسر
  3. شعور (ڊاڪٽر محبت ٻرڙو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر
  4. ڪتاب:شعور، ليکڪ: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
  5. Matriarchy - Wikipedia
  6. فريزر، سر جيمس جارج، ”جادو ۽ سائنس“ حصو: 2، ص-981
  7. سراج الحق، سنڌي ٻولي، ص-90
  8. لئمبرڪ، ”سنڌ هڪ عام جائزو“ ص-104
  9. ڪتاب: ڪٽنب، ذاتي ملڪيت ۽ رياست جي شروعات، ليکڪ؛ فريڊرڪ اينگلس پاران سنڌيڪا اڪيڊمي ۽ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام