اي جي اتم سنڌي ٻولي ۽ ادب جو ناميارو نالو آهي، هي سنڌ جي ترقي پسند اديبن جي پهرين صف ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس اصل نالو آسن ڄيٺانند اتمچنداڻي هو. هن جو جنم 16 ڊسمبر 1923ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو. هن ايم.اي (بمبئي يونيورسٽيءَ) مان ڪئي. هي هڪ ئي وقت ڪهاڻيڪار، مقالا نگار، مترجم، صحافي، دانشور، نقاد ۽ محقق رهيو ۽ سنڌي ادب ۾ مارڪسي فڪر جو وڏو پرچارڪ ۽ نقيب هو. پاڻ هندوستان ۾ سنڌي ٻولي، تهذيب ۽ سنڌيت جو وڏو پرچارڪ رهيو، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي ۽ اُتم کي سنڌي ترقي پسند اديبن جي اها ٽمورتي سڏيو ويندو آهي، جن ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ کي هندوستان ۾ زنده رکڻ لاءِ هڪ منظم تحريڪ هلائي ۽ سندن ئي ڪوشش سان سنڌي ٻولي هندستان جي آئين جي اٺين شيڊيول ۾ سرڪاري ۽ قومي زبان تسليم ڪئي وئي. اي. جي. اتم 421941ع ڌاري هڪ ئي وقت ادب ۽ ترقي پسند فڪر جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪيو. ”نئين دنيا ڪتاب گهر“ قائم ڪري جديد ترقي پسند ادب کي ڇپڻ شروع ڪيو ۽ اهو سلسلو ورهاڱي کان پوءِ به جاري رکيائين. هن 40 سالن تائين نه رڳو لڳاتار ”نئين دنيا“ رسالو هلايو، پر نئين دنيا پبليشرز ممبئيءَ پاران ڪيئي ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا، هن 50 کان وڌيڪ اديبن کي متعارف ڪرايو، هي پهريون اديب هو، جنهن ادبي لکڻين تي نه رڳو معاوضو ڏنو، پر اوارڊ به ڏنا. هن جي ڪيترن ڇپيل ڪتابن کي هند سرڪار جي ساهتيه اڪيڊمي ۽ ٻين ادارن ايوارڊ ڏنا آهن. اُتم گڏيل هندوستان واري دور ۾ آزاديءَ جي هلچل دوران جيل به ڪاٽيو، هي سوڀي گيانچنداڻي، حشو ڪيولراماڻي، سائين جي. ايم. سيد، ڪرشن کٽواڻيءَ ۽ ٻين جو ساٿي رهيو. ڪهاڻيون، ترجما، مضمون نگاري، مقالا نگاري، تنقيد، سفرناما، شخصيتي خاڪا، هن جا پسنديده موضوع رهيا آهن. هن دنيا جا شاهڪار ناول ۽ ڪهاڻيون نه رڳو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيون، پر انهن جا ڪتاب به ڇپرايا. اتم جي ادبي پورهيي ۾ هيٺيان ڪتاب اچي وڃن ٿا. (1). سرحد جو گانڌي (شخصيت: 1945ع)، (2) وجي لڪشمي پنڊت (شخصيت: 1946ع) (3). نئون چين، (1952ع)، (4). ٽئگور (هڪ جهلڪ: 1961ع)، (5). ڀارت روس دوستي (1965ع)، (6). ڀارت جو دوست لينن (1970ع)، (7). ڪشمڪش (ڪهاڻيون: 1971). (8). ساهت ۽ ساهتڪار (1974ع)، (9). سنڌي ڪهاڻي (ناٽڪ ۽ تنقيد: 1981ع)، (10). ساهتڪ پرک (تنقيد: 1997ع)، (11). هُو جهان، هي مَن (ڪهاڻيون: 1991ع)، (12). شاهه، سچل سامي (اڀياس)، (13). ليکراج عزيز (شخصيت ۽ فن: 1985)، (14). منگهارام ملڪاڻي (شخصيت ۽ فن 1985ع)، (15). ڪلياڻ آڏواڻي (شخصيت ۽ فن )، (16). انسان جو نصيب (شولو خوف جي ناول جو ترجمو 1965ع)، (17). پيار ۽ واسنا (ٽالسٽاءِ جي ناول جو ترجمو 1962ع)، (18). سويت سرڳ (سفر نامو 1954ع)، (19). سجاڳ سنڌ (تنقيد ۽ تحقيق: 1984ع)، (20). منهنجا مارو ڪٿي؟ (ڪهاڻيون)، (21) جئي سنڌي جئي بنگلا (ڪهاڻيون، شعر ۽ مضمون)، (22). کلڻي ۽ ٻيون ڪهاڻيون (شيخ اياز نمبر)، (23). سنڌي ساهت (1971ع)، (24). ڇويهه ماڻهو ۽ هڪ ڇوڪري (گورڪيءَ جون ڪهاڻيون 1969ع)، (25). روپ ٻهروپ (خواجه احمد عباس جي ناول جو ترجمو 1979ع)، (26). ڪيدار ناٿ بئلا (امرت راءِ پريم جو نالو 1957ع). اي. جي. اتم سويت لئينڊ نهرو امن اوارڊ (1965ع ۽ 1972ع) ٻولي ۽ ساهت سڀا'>اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا ادبي اوارڊ (1991ع)، پريم درشني ادبي اوارڊ (1991ع) ۽ ادبي خدمتن تي ڊاڪٽر سدا رنگاڻي گولڊ ميڊل (1994ع) ۽ ٻيا اوارڊ حاصل ڪيا. اي. جي. اتم کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن 1973ع ۾ روس ۾ ”ورلڊ رائيٽرس ڪانفرنس“ ۾ شرڪت ڪئي. ”هي ”سنڌي سنسار“، ”سنڌي سماچار“، اخبارن، ”سنڌو آواز“ هفتيوار اخبار ۽ ”نئين دنيا“ ادبي ماهوار مئگزين جو ايڊيٽر رهيو. هن سنڌي ادبي سنگت کي ممبئيءَ ۾ ”سنڌي ساهت منڊل“ جي نالي سان منظم ڪيو ۽ ڪيترن سالن تائين ”اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت“ جو سيڪريٽري رهيو. هن 3 جنوري 2005ع تي ممبئيءَ ۾ لاڏاڻو ڪيو. سندس وفات تي سنڌ ۽ هند ۾ ڪيترا تعزيتي ميڙ ڪوٺايا ويا.[1]