بين الاقوامي لاڳاپن جي دائري ۾ ايڪٽر (Actor)، ڌُر، عنصر يا ڪردار مان مراد ڪا ڌُر، ادارو يا اداري طرفان مقرر ڪيل نمائندو آهي، جيڪو ڪنهن به معاملي ۾ مخصوص ڪرداريا ڪا ذميواري ادا ڪري. مثال طور: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل، يا IMF ۽ برٽش پيٽروليم وغيره جا سربراهه، ڪنهن به هڪ ڌُر يا ان جي نمائندگي ڪندڙ ڪردار آهن. ڪجهه محققن جو خيال آهي ته ”ايڪٽر“ جي حيثيت کي پوري طرح بيان ڪرڻ تمام گهڻو مشڪل آهي، پر ٻين جو خيال آهي ته ايڪٽر جو اختيارن جي حوالي سان تجزياتي (Analytical) مطالعو ڪبو ته ڪنهن حد تائين ان تصور کي سمجهڻ ۾ آساني ٿيندي. مثال طور: گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي مليل اختيارن ۽ انهن جي اثرن کي ڄاڻڻ کان پوءِ خبر پوندي ته اداري جو سيڪريٽري جنرل ڪهڙو ۽ ڪئي ڪٿي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. ”ايڪٽر“ ڪنهن رٿا يا ايجنڊا مطابق ڪا اهڙي سرگرمي ڏيکاري ٿو، جنهن جو هاڪاري يا ناڪاري نتيجو به نڪري ٿو. عام طرح ڪنهن به رياست جي بُنيادي شعبي لاءِ ذميواري سرانجام ڏيندڙ فرد يا گروهه کي رياستي عنصر (State Actor) سڏيو وڃي ٿو.[1]

حوالا سنواريو

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد