سانچو:Infobox alternative intervention

اڪيوپنڪچر ڏئي جو ھڪ قسم


ايڪيوپنڪچر:


علاج جو ھڪ قسم جيڪو چيني طب ۾ ٻہ ھزار سالن کان وٺي مرڪزي حيثيت رکندو آيو ھو. شھزادي چنگ جونگشن. (Jing Zhongshan)جي مقبري مان چار سونيون سيون مليون آھن جيڪو اولھ واري ھان گھراڻي سان تعلق رکندڙ ھو ء ان جو دؤر 206 ق.م. کان 9 عيسويءَ تائين ھو. چين جي صوبي شنتونگ (Shandong) ۾ بہ اوڀر جي ھان گھراڻي جي مقبري ۾ اڪريل مورت ملي آهي جنھن ۾ ڪا مخلوق انساني مٿي ۽ ٻانھن ۽ پکيءَ جي جسم سان ڏيکاريل آهي جيڪا گوڏن تي ويٺل ھڪ مريض جو ايڪيوپنڪچر سان علاج ڪري رھي آھي..[1]

اڪيوپنڪچر سيون

ھن علاج جي طريقي ۾ جسم ۾ سيون ٽنبيون وينديون آھن. اھو طريقو زياده تر سور جي علاج طور اختيار ڪيو ويندو آهي.اھو محدود مدي وارو علاج آھي. ڊگھي وقت لاءِ موثر ناھي.اھو مھارت سان ٿئي تہ ٺيڪ نہ تہ انفيڪشن ٿيڻ جا امڪان رھن ٿا.اھو ٻہ معلوم ٿيو آھي تہ ھن علاج جي طريقي سان وچڙندڙ بيماريون ۽ انفيڪشن ھڪ مريض مان ٻئي ۾ سين جي استعمال سان ڦھلجن ٿا. سائنس جي علمن سان اڃان ان علاج جي تائيد نہ ٿي سگھي آھي. [2] [3] ايڪيوپنڪچر جي پريڪٽس جا ڪيترائي طريقا نڪتا آھن پر آمريڪا ۾ سڀ کان وڌيڪ چين جي روايتي طب يا ٽريڊيشنل چائنيز ميڊيسن ,TCM, استعمال ٿيندو آهي.سيون ڊيگھ ۾ ننڍيون ۽ وڏيون ھونديون آھن .اھي 13 کان 130ملي ميٽر تائين ھونديون آھن.ننڍيون سيون منھن ۽ اکين جي ڀرسان استعمال ٿينديون آهن.

تعيتي ۽ جديد جپاني ٽيوب واريون سيون

چمڙيءَ جا گھنج ڪڍڻ لاءِ سين جي استعمال کي ڪاسميٽڪ ايڪيوپنڪچر چئبو آھي.[4] ايڪيوپنڪچر جي استعمال جا ٻيا به ڪيترائي طريقا آهن جن ؛ اليڪٽرڪ ايڪيوپنڪچر:جنھن ۾ بجلي جي ھلڪي ڪرنٽ سان اثر پيدا ڪيو ويندو آهي؛ فائر ايڪيوپنڪچر:جنھن ۾ سيون باھ ۾ گرم ڪري پوء ٽنبيون وينديون آهن؛ ماکي جي مک جي زھر وارو طريقو جنھن ۾ ماکيءَ جي مک جو زھر چمڙيءَ تي لڳائي پوء سئي ٽرنبي ويندي آھي.[5]

حوالا سنواريو

  1. انسائيڪلوپيڊيا آف اينشنٽ ايشين سولائيزيش؛ چارلس ايف. ڊبليو. ھگم؛فئڪٽس آن فائيل انشورنس پبلشر؛ پيج 1
  2. Singh & Ernst 2008, p. 72
  3. Singh & Ernst 2008, p. 387
  4. Isaacs, Nora (13 December 2007). "Hold the Chemicals, Bring on the Needles". New York Times. https://www.nytimes.com/2007/12/13/fashion/13SKIN.html?pagewanted=1&ref=fashion. Retrieved 23 November 2009. 
  5. "Effectiveness of bee venom acupuncture in alleviating post-stroke shoulder pain: a systematic review and meta-analysis". J Integr Med 13 (4): 241–7. 2015. doi:10.1016/S2095-4964(15)60178-9. PMID 26165368.