ايڊورڊ ھيملٽن ائٽڪن
ايڊورڊ ھيملٽن ائٽڪن (انگريزي ٻولي: Edward Hamilton Aitken) سنڌ جي گزيٽيئر جو مرتب، 16 آگسٽ 1851ع تي ساتر، ڀارت ۾ پيدا ٿيو. بنيادي تعليم ڀارت ۾ پنھنجي والد کان ورتائين. بي. اي ۽ ايم. اي بمبئي يونيورسٽيءَ مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. هندي ۽ انگريزيءَ کان سواءِ لاطيني ۽ يوناني ٻوليون بہ سٺي نموني ڄاڻندو هو.[1]
خدمتون
سنواريو1876ع ۾ گورنمينٽ آف ممبئيءَ جي Customs and Salts Department ۾ نوڪريءَ جي شروعات ڪيائين ۽ مختلف شھرن ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. مئي 1903ع ۾ کيس ڪراچيءَ بدلي ڪري ڪسٽم ۽ سالٽ کاتي جو چيف ڪليڪٽر مقرر ڪيو ويو. جيتوڻيڪ سنڌ جو پھريون مڪمل گزيٽيئر اي. ڊبليو هگس 1876ع ۾ مرتب ڪيو هو، پر ان ۾ ڪيترين شين جي کوٽ جي ڪري هڪ مڪمل گزيٽيئر جي ضرورت محسوس ڪئي وئي. خاص طور تي ان وقت جي سنڌ جي ڪمشنر سر ايوان جيمس ان مسئلي ۾ تمام گهڻي دلچسپي ورتي. نيٺ بنجمين ايڊمن برنيڊن کي 15 نومبر 1904ع تي سنڌ جي ضلعن جي گزيٽيئر ترتيب ڏيڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو. مسٽر بينجمن ٿوري وقت ۾ ڪجهہ مواد بہ گڏ ڪري ورتو. خيال هو تہ هو هر ضلعي جو گزيٽيئر ٻن ٻن جلدن ۾ تيار ڪندو. حيدرآباد بابت مواد گڏ ڪندي مسٽر بينجمن برنيڊ جي طبيعت خراب ٿي وئي، جنھن ڪري هو موڪل تي لنڊن روانو ٿي ويو ۽ سڄي ڪم جي چارج مسٽر اي. ايڇ ائٽڪن کي ڏني وئي.[1]
مسٽر ائٽڪن اڳ گڏ ٿيل مواد کي ٻيھر ترتيب ڏني، ورجاءَ وارو مواد مسودي مان ڪڍيو ويو. 1907ع ۾ نئين ترتيب ۽ مواد سان گزيٽيئر شايع ٿيو، جنھن جي جلد A کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو ۽ جلد B کي ڪيترن حصن ۾ آڻي ضلعي گزيٽيئر جي. ڊبليو سمٿ (J.W.Smith) ترتيب ڏنو. گزيٽيئر جي پھرئين حصي ۾ صوبائي معلومات جو مواد رکيو ويو، جنھن ۾ سنڌ جي آرڪيالاجي، زدامت (اينيڪئٽي) جاگرافي ۽ تاريخ جو مواد شامل هو، جڏهن تہ ضلعي مواد واري حصي ۾ واپار، انڊسٽري، تعليم، صحت، روينيو، عام تعلقات، قبيلا، قومون ۽ تاريخي جايون شامل ڪيون ويون. جلد B جي ضلعن جي لحاظ کان ترتيب هيٺينءَ ريت رکي وئي[1]:
- V.B 1 Karachi District (1920)
- B – 2 Hyderabad District (1920)
- B – 3 Sukkur District (1919)
- B – 4 Larkana Distrcit (1919)
- B – 5 Nawabshah District (1920)
- B – 6 Thar and Parkar District (1919)
- B – 7 Upper Sindh Frontier District (1919)
مڃتا
سنواريوضلعي گزيٽيئرن مان جتي ان دور جي تعليم، صحت، تجارت، زراعت ۽ لوڪل گورنمينٽ وغيره جي خبر پوي ٿي، اتي مشھور ماڻھن ۽ مشھور ماڳن جي معلومات بہ ملي ٿي. مسٽر ائٽڪن جيتوڻيڪ گزيٽيئر تي ڪم نہ ڪيو هو، پر بعد ۾ اهڙي ذميواري ملڻ تي هن ڪافي محنت ڪئي ۽ مواد جي سھيڙ جي خوبين ۽ خامين جي ذميواري پاڻ تي کنئي. اهو ئي سبب آهي تہ سڄي هندستان ۾ شايع ٿيل گزيٽيئرن ۾ ائٽڪن جي گزيٽيئر کي وڏي اهميت حاصل آهي. آگسٽ 1906ع ۾ اي. ايڇ ائٽڪن نوڪريءَ تان رٽائر ٿيو ۽ ’Eho‘ جي نالي سان هندستان جي نيچرل هسٽريءَ بابت لکندو رهيو. 1907ع ۾ هندستان کي الوداع ڪري برطانيہ روانو ٿي ويو، جتي ايڊن برگ ۾ 1909ع ۾ وفات ڪيائين.[1]
اھم ڪتاب
سنواريوسندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن، جن مان هيٺيان اهم آهن[1]:
- The Tribes an any Frontier
- An Indian Matura list’s Foreign Pding (1883)
- Behind the Bungalow (1894)
- The Naturalist on the Prowl (1894)
- The Common Birds of Bombay (1900)
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.