ايڊز

انساني بيماري

ھڪ لا علاج بيماري، جيڪا رت جي مدافعتي نظام ۾ خرابي پيدا ٿيڻ ڪري ڦهلبي آهي. هيءَ پکڙجندڙ بيماري، هڪ خاص وائرس، ايڇ. آءِ. وي ذريعي پکڙجندي آهي. ”ريٽرو وائرس“ (Retro virus) نالي سان سُڃاتي ويندڙ هيءَ بيماري 1983ع ۾ دريافت ڪئي وئي ۽ 1986ع ۾، انسان جي رت جي ڳاڙهن جُزن ۾ هن بيماريءَ جا جيوڙا ڏٺا ويا. ايڊز جي ڦهلجڻ جو مکيه سبب جنسي بي راهه روي آهي، جڏهن ته ايڊز مان متاثر ٿيل رت جي ڏي وٺ، متاثر ٿيل مريض تي استعمال ٿيندڙ سرنج جو ٻيهر استعمال ڪرڻ، ۽ جسم تي سوراخ ڪندڙ ڪنهن به اوزار (ڪن ٽوپڻ، ڏاڙهي يا وار ڪوڙڻ لاءِ) جو گهڻا دفعا استعمال ڪرڻ پڻ ايڊز جي پکڙجڻ جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو. هيءَ بيماري آهستي آهستي پکڙجي ٿي، تنهن ڪري، سندس ابتدائي علامتون ۽ نشانيون پڻ آهستي آهستي ظاهر ٿينديون آهن. سڀ کان اول غيرمحسوس، معمولي زڪام جهڙي بيماري ٿي سگهي ٿي، ان کان پوءِ مريض سالن تائين بلڪل ٺيڪ نظر ايندو. ائين ئي هُو مڪمل ايڊز جو مريض بڻجي ويندو آهي. ايڊز جي وڏين علامتن ۾، وزن جو 10 سيڪڙو گهٽجي وڃڻ، هڪ مهيني تائين الٽيون اچڻ، بخار جو هڪ مهيني تائين رهڻ، کنگهه جو مستقل رهڻ ۽ جسم تي ڳاڙها داغ ٿيڻ شامل آهن. ايڊز کان بچاءَ جي طريقن ۾، پنهنجي شريڪ حيات تائين محدود رهڻ ۽ جنسي ڇڙواڳيءَ کان پرهيز ڪرڻ انتهائي اهم آهن، جڏهن ته سُئي يا ٽُڪو لڳرائڻ ضروري هجي ته نئين سرنج استعمال ڪجي؛ نشئي ماڻهن تي استعمال ٿيل سرنج جي ٻيهر استعمال کان پرهيز ڪجي ۽ ضرورت وقت رت وٺجي ته ان ۾ ايڊز جي وائرس ۽ “HepatitisB” جي چڪاس ڪرائڻ گهرجي. بليڊ جي گهڻن ماڻهن لاءِ استعمال ٿيڻ ڪري به وائرس پکڙجڻ جو خطرو آهي، ان ڪري هڪ بليڊ کي، هڪ ئي ڀيرو استعمال ڪجي. صحت جي عالمي اداري طرفان 1991ع ۾، پڌري ڪيل رپورٽ مطابق سال 2000ع تائين، دنيا ۾ چار ڪروڙ ماڻهو هن بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي ويندا. صحت جي عالمي اداري ۽ ماهرن طرفان هن بيماريءَ کي روڪڻ لاءِ هڪ وئڪسين ”زڊو ويوڊائن“ (Zidovudine) تيار ڪئي وئي آهي، جنهن ذريعي، متاثر ماڻهن جي موت واري شرح کي 20 سيڪڙو تائين گهٽايو ويو آهي، پر تڏهن به اڃا تائين مڪمل طور، هن بيماريءَ جي خاتمي لاءِ ڪو علاج دريافت نه ٿي سگهيو آهي. هن وقت پوري دنيا جا، طب جا ماهر هن ڳالهه تي متفق آهن ته صرف جنسي لاڳاپن ۾ محتاط رهڻ، سرنج جو ٻيهر استعمال نه ڪرڻ ۽ رت جي جزن جي منتقليءَ کان بچڻ ئي هن موتمار بيماريءَ جو واحد علاج آهي.[1]

حياتياتي ماهرن مطابق ايڊز جي بيماريءَ جو سبب هڪ وائرس آهي جنهن کي ايڇ آءِ وي جو نالو ڏنو ويو آهي. اهو وائرس مڪمل پيراسائٽ آهي جنهن جو مطلب آهي ٻين جي زندگيءَ تي مدار رکندڙ. وائرس، حياتي جي تمام هيٺاهين درجي جي نمائندگي ڪري ٿو ان کي هڪ ئي وقت زنده ۽ مرده چيو ويندو آهي. وائرس جيڪڏهن ڪنهن جاندار تي انحصار ڪندڙ طور موجود هوندو آهي ته ان ۾ زندگيءَ جون علامتون هونديون آهن جيڪڏهن ٻاهر آزاد حالت ۾ هوندو آهي ته مرده هوندو آهي.

ايڊز جي وائرس جو خاڪو

ايڊز حقيقت ۾ هڪ بيماري نه پر بيمارين جي ماءُ آهي، ڇاڪاڻ ته اها انسان جي فطري مدافعتي نظام کي مفلوج بڻائي ڇڏيندي آهي. نتيجي طور ايڊز ۾ ورتل انسان آسانيءَ سان مختلف نوعيت جي بيمارين جو شڪار بڻجي ويندو آهي. فطري دفاعي نظام جي مفلوج ٿيڻ سان انسان بيمارين جي آمجگاهه بڻي پوي ٿو ۽ ڪنهن به بيماريءَ لاءِ ڪا روڪ ٽوڪ باق نٿي رهي.

ايڊز پهريون ڀيرو 1982ع ۾ ظاهر ٿي، ۽ ٻن سالن جي تحقيق کان پوءِ ايڊز جو وائرس دريافت ڪيو ويو. جنهن کي ايڇ آءِ وي جو نانءُ ڏنو ويو. آمريڪا ۾ ڊاڪٽر رابرٽ 1984ع ۾ پريس ڪانفرنس ذريعي اعلان ڪيو ته هو ايڇ آءِ وي دريافت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي.

ايڊز جي خلاف تقريبن چوڏنهن ويڪسينز تيار ڪيون ويون آهن. پر اهي مڪمل طور ايڊز تي ڪنٽرول ڪري سگهندڙ نه آهن، تنهنڪري ايڊز هڪ لاعلاج مرض جي صورت ۾ سامهون آيو آهي. رپورٽن مطابق ايڊز ايڪهين صدي جي انتهائي خطرناڪ بيماري طور سامهون آيو آهي.

حياتياتي اصولن جي رهنمائي ۾ ماهرن اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته ايڇ آءِ وي جديد وائرس آهي. سوال اهو آهي ته اهو پيدا ڪيئن ٿيو. آمريڪي ماهرن مطابق ايڇ آءِ وي وائرس پهريان موجود وائرس جي قسمن جي بدليل صورت آهي، ۽ اهو جنسي بي راهه روي جي پيداوار آهي. پر اهي سموريون دريافتون ۽ نتيجا حتمي ثابت نه ٿيا آهن. اصل سوال به اهو آهي ته جيستائين ايڊز کي مڪمل طور سمجهيو نٿو وڃي ان وقت تائين علاج جو دريافت ٿيڻ به ناممڪن آهي.

ايڇ آءِ وي جي پيدائش تي ڪيترائي مفروضا قائم ڪيا ويا آهن. هڪ نظريو اهو آهي ته ايڊز ڪنهن اڳ موجود وائرس مان اوچتي ارتقائي تبديلي يا ميوٽيشن ذريعي پيدا ٿيو آهي. ميوٽيشن جي ان عمل کان پوءِ وائرس جو اڳ موجود ڪو قسم تبديل ٿي ڪري ايڇ آءِ وي جي صورت اختيار ڪري ويو.

ماحولياتي ماهرن مطابق ارضياتي ماحول ۾ صنعتي سرگرمين سبب ايندڙ تبديلين فطرت جي نظام کي ڊانواڊول ڪري ڇڏيو آهي، سوين منفي تبديلين سان گڏ سج جي بنفشي شعاعن کي زمين تي پهچڻ وارو عمل آسان بڻجي پيو، اهي شعاع انتهائي طاقتور آهن ۽ ڊي اين اي ۾ تبديلي (ميوٽيشن) جو اهم ترين سبب پڻ آهن.

ايڊز وائرس جي پيدائش متعلق ٻيو نظريو اهو آهي ته ايڇ آءِ وي هٿرادو طور جنگي مقصدن لاءِ پيدا ڪيو ويو، جهڙي طرح ٻيا ڪيميڪل، بايولاجيڪل ۽ جراثيمي هٿيار پيدا ڪيا ويا.

ايڇ آءِ وي وائرس رت جي اڇن جزن تي حمله آور ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته مرد جي جنسي مادي ۾ رت جا اڇا جزا موجود هوندا آهن تنهنڪري ايڊز ورتل مرد ايڇ آءِ وي جي ڦهلاءَ جو ذريعو بڻبو آهي. اهڙي طرح وائرس عورت ۾ منتقل ٿي ويندو آهي، ان مان ظاهر ٿيو ته جنسي تعلقات ايڇ آءِ وي جي بنيادي ڦهلاءَ جو طاقتور ذريعو نه آهي. ان ۾ عورت جو ڪردار انتهائي محدود ٿي وڃي ٿو. وائرس جي ڦهلاءَ جو بنيادي ذريعو رت جي منتقلي آهي.

حوالا سنواريو

  • ڪتاب، پندرهن وار ”عبرت ميگزين“ حيدرآباد، سنڌ