يڇ. جي. راورٽي (Henry George Roverty) 31 مئي 1825 ع ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو پيٽر راورٽي هو. هينري راورٽي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۾ انڊين آرمي آفيسر طور ڀرتي ٿيو ۽ 1863ع ۾ ميجر جي عهدي تي پهتو. هيءُ 1864ع ۾ سول ملازمت ۾ آيو. هن 1950-1849ع ۾ پنجاب ۽ سوات جي مهمن ۾ حصو ورتو. 1852ع کان 1859ع تائين پنجاب ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر رهيو، ڪجهه سال -پشاور- ۽ -افغانستان- ۾ به نوڪري ڪيائين. اتي ملازمت ۽ رهائش دوران فارسي ۽ پشتو زبانن تي وڏي مهارت حاصل ڪري پاڻ کي لسانيات جو ماهر ثابت ڪيائين. -پشاور- ۾ ملازمت ڪرڻ دوران هن مشهور اسڪالر عبدالرحمان خان محمد زئيءَ کان پشتو سکي، افغان شاعريءَ تي وڏي -تحقيق- ڪئي. هن ”گزيٽيئر آف -پشاور-“ پڻ ترتيب ڏنو. -ان- کانسواءِ هن هيٺيان ڪتاب لکيا: (i). A Grammar of the Pukhto, Pushto or Language of the Afghans (1855), (ii) Thesaurus of English and Hindustani Technical Terms (1859), (iii). A Dictionary of the Pukhto, Pushto or Language of the Afghans (1860), (iv). A Dictionary of Pukhto, Pushto or Language of Afghans, with remarks on the originality of the Language and its affinity to other oriental languages (1867), (v). Selections From the Poetry of the Afghans (1867). (vi). The Tabakat-i-Nasri (طبقات ناصري) of Minhaj-i-Siraj, Abu Umer Usman. A general history of the Muhammadan dynasties of India- Translation (1881-88), (vii). Notes on Afghanistan and part of Baluchistan (1881-1888), (viii). History of the Harat, (ix) Analysis of Khurasan, (x). Mehran of Sindh. راورٽي محنتي -انسان- هو، کيس لکڻ ۽ پڙهڻ جو وڏو شوق هو، زندگيءَ جي آخر تائين لکڻ، پڙهڻ ۾ مصروف رهيو. هن 20 -آڪٽوبر- 1906ع ۾ وفات ڪئي. راورٽي جي ڪتاب ”مهراڻ آف سنڌ“ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو مشهور دانشور عطا محمد ڀنڀري ”سنڌ جو مهراڻ“ نالي سان ڪيو آهي، جيڪو 1995ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ هن وقت -ان- جو ٻيو ڇاپو ڇپائيءَ هيٺ آهي.[1]