نئين ٽهيءَ جو شاعر -ايوب کوسو-، جهڏي لڳ ڳوٺ حاجي احمد کوسي، تعلقي ڊگهڙي، ضلعي ميرپورخاص ۾، پهرين مئي 1971ع تي ڄائو. -تعليم- بي. اي، بي. -ايس-. سي اٿس. 1989ع کان شاعري شروع ڪيائين. سڀ کان پهرين سندس شاعري ماهوار سهڻيءَ ۾ شايع ٿي. مختصر عرصي ۾ نئين ٽهيءَ جي سٺن شاعرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو آهي. خاص ڪري غزل ۽ نظم ڏاڍا اثرائتا ۽ پختا لکي ٿو. سنڌ جي اڪثر ادبي رسالن ۾ سندس شاعري اهميت سان ڇپجندي رهي آهي. سنڌي ادبي سنگت جهڏي ۽ نئين ڪوٽ جو ميمبر رهيو آهي. پريس ڪلب نئين ڪوٽ جي باني ميمبرن مان آهي. ڪيترائي سال سينٽرل جيل حيدرآباد ۾، ڪن متعصب مذهبي ڌرين طرفان داخل ڪيل ڪيس ۾ سزا ڪاٽي اٿس. سندس ڪتابن ۾ ”گلابن جو ڪفن (شاعري) 2002ع، ”ديوارن جي دنيا پويان“ (جيل ڊائري) 2003ع، ”-اڪيلائيءَ جو آسمان-“ (شاعري) 2004ع. ”-بارش- سوچي ٿي“ (نثري ٽڪرا) 2005ع، ”نگاهون نيرا گل“ (شاعري) 2006ع)، ”درد جون مسافتون“ (2007ع). سندس ڪتاب ”ديوارن جي دنيا پويان “ تي اڪيڊمي ادبيات طرفان 50 هزار روپيا -انعام- پڻ مليو.[1]

حوالا سنواريو