ايوان صدر يا صدارتي محل (انگريزي: Aiwan-e-Sadr) پاڪستان جي صدر جي سرڪاري رهائشگاهه ۽ آفيس آهي. ايوانِ صدر جو انتظامي اڳواڻ صدرِ پاڪستان جو پرنسيپال سيڪريٽري هوندو آهي.[1]

ايوانِ صدر
صدارتي محل

پاڪستان جي صدر جي سرڪاري رهائشگاهه
مقام ريڊ زون،
اسلام آباد، پاڪستان

ايوان صدر ۾ رهائش اختيار ڪندڙ پهريون صدر غلام اسحاق خان هو. ايوان صدر اسلام آباد ۾ اتر اوله طرف آهي. صدارتي محل شارع دستور ۾ پارليامنٽ جي عمارت جي پاسي ۾ واقع آهي. ايوان صدر ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن لاءِ صدارتي محل جي پويان هڪ ڪالوني جڙيل آهي، جنهن کي صدارتي ڪالوني چيو ويندو آهي.[2]

پرويز مشرف ڪڏهن به صدارتي هائوس ۾ رهائش اختيار نه ڪئي، فوج جي جنرل جي حيثيٽ ۾ هي راولپنڊي جي فوج گھر ۾ رهندو هو. آصف علي زرداري صدارت کان هڪ ڏينهن اڳ ئي صدارتي محل ۾ رهائش اختيار ڪئي.

تصويرون سنواريو

حوالا سنواريو