ايم 203 گرنيڊ لانچر
گرنيڊ لانچر
هي هڪ يتيم صفحو آهي جنهن کي ٻين صفحن مان ڳنڍڻو نه ملي رهيو آهي۔ براه ڪرم مقالن ۾ ان جو ڳنڍڻو داخل ڪرڻ ۾ مدد ڪريو۔ |
ايم-203(انگريزي: M203) سنگل شاٽ 40 ملي ميٽر ڪليبر جو ھڪ لانچر آھي جيڪو رائيفل جي نالي جي ھيٺان لڳايو ويندو آھي. ان جو نمونو اھڙو ھوندو آھي جو رائيفل ۾ نصب ٿي ويندو آهي. ان ۾ ايم-78 گرنيڊ لانچر ۾ استعمال ٿيندڙ ساڳيا گرنيڊ (گولا) استعمال ٿيندا آهن. ھن ھٿيار ۾ ھاء لو سسٽم ھجڻ ڪري فائر ڪرڻ وقت پوئتي معمولي جھٽڪو لڳائيندو آهي. اصل ۾ ھي لانچر آمريڪي رائيفل ايم -16 ۽ ايم -4 ڪاربائين ۽ انھن جي مختلف نمونن جي لاء ٺاھيو ويو ھو. ھي لانچر سي -7 ۾ بہ نصب ٿي سگھندو آھي جيڪو M-16 رائيفل جو ڪيناڊائي نمونو آهي.[2]
ايم 203 گرنيڊ لانچر، 40 ايم ايم | |
---|---|
ايم 203 اي-2 (رائيفل کان سواء) | |
نوعیت | گرنيڊ لانچر |
شروعات | يونائيٽيڊ ڪنگڊم |
استعمال جي تاريخ | |
سروس | 1969 کان اڄ تائين استعمال ۾ آهي. |
جنگون | ويٽ نام جنگ لائوئيٽين گھرو ويڙھ ڪمبوڊين گھرو ويڙھ سائنو ويٽنامي جنگ ڪمبوڊيا - ويٽنام جنگ سائنو ويٽنامييز تڪرار 1979 کان 1990 تائين ٽين انڊو چائنا جنگ سوويت افغان جنگ افغانستان جي جنگ(2001 کان 2014) عراقي جنگ عراقي گھرو ويڙھ 2014 کان وٺي |
پيداوار جي تاريخ | |
نمونو ٺاھيندڙ | اي اي آء ڪارپوريشن(انگريزي: AAI) |
ٺھيو | 1967–68 |
تيار ڪندڙ | ڪولٽس مينيوفيڪچرنگ ڪمپني ڊائيميڪو ايئر ٽرانڪ يو ايس آر ايم اڪئيپمينٽ يو ايس آرڊننس نائيٽس آرممينٽ ڪمپني ليوس مشين اينڊ ٽول ڪمپني |
في داڻي جو خرچ | US$1,082[1] |
ڪارخاني ۾ تيار ٿيو | 1969 اڃان تائين جاري |
تخصيص | |
وزن | 3 پائونڊ يا 1.36 ڪلو گرام (گرنيڊ کان سواءِ) |
ڊيگھ | 15 انچ يا 380 ملي ميٽر |
نالي جي ڊيگھ | 12 انچ يا 305 ملي ميٽر |
ڪارتوس | 40 ملي ميٽر وارو گرنيڊ يا 46 ملي ميٽر ايس آر |
فائر ٿيڻ جو عمل | ھڪ ھڪ فائر |
فائرن جو تعداد | في منٽ ۾ 5 کان 7 فائر |
فائر جي رفتار | 250 فٽ في سيڪنڊ يا 76 ميٽر في سيڪنڊ |
مار جو مؤثر فاصلو | 382 گزن تائين |
وڌ کان وڌ مار | 437 گزن تائين يا 400 ميٽر |
تنصيبون | رائيفل جي چوٿائي حصي ۾ |
حوالا
سنواريو=
- ↑ M203 40mm Grenade Launcher.
- ↑ Knight's Armament. "Military". Knight's Armament. وقت 26 September 2012 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 5 November 2014.