ايميليانو زاپاٽا

ايميليانو زاپاٽا سالازار:(انگريزي: Emiliano Zapata Salazar ) 8 آگسٽ 1879ع ۾ ميڪسيڪو جي موريلوس رياست جي ھڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيندڙ ھي اڳواڻ جڏھن سترھن سالن جو ٿيو ته سندس پيءُ وفات ڪري ويو جنھن ڪري خاندان جي ذميداري جو بار ھن تي پيو[1]. ميڪسيڪو جي انقلاب جو ھڪ ڪردار ھيو ۽ موريلوس رياست جي زاپاٽاسمو ھاري تحريڪ جو سرواڻ ھيو. ھنن جون زمينون کسجڻ بعد ھن پاڙي جي ھارين کي گڏ ڪري احتجاج ڪيو ۽ پوء طاقت جي استعمال سان ھنن پنھنجون زمينون واپس ورتيون[1]. شروعاتي سياست م ھن ڊياز خلاف سياسي تحريڪ ۾ بھرو ورتو ھو. ھن پورفريو ڊياز جي خلاف فرانسسڪو جي ھڪ ۾ ھڪ ننڍي فوج تيار ڪئي[1]. 1910 واري انقلاب م ھي موريلوس رياست ۾ مرڪزي انقلابي ڪردار ھيو.

ايميليانو زاپاٽا سالازار

زاپاٽا 1914ع ۾
پيدائش 8 آگسٽ 1879(1879-08-08)انينيڪيوئلڪو (Anenecuilco), موريلوس, ميڪسيڪو
وفات 10 اپريل 1919 (عمر 39 سال)چناميڪا، ماريلوس، ميڪسيڪو
وابستگي ميڪسيڪو (زاپاٽسمو انقلابي فوج)
خدمت سال 1910–1919
عهدو جنرل
سالار زاپاٽسمو
جنگيون/سورهيه ميڪسيڪو جو انقلاب
دستخط
زاپاٽا جو پنھنجي وڏي ڀاءُ سان نڪتل تصوي

ٻين کوڙ ھاري اڳواڻن سان گڏجي ھن ڏکڻ جي آزادي واري فوج جو بنياد رکيو جنھن جو ھي سربراھ ٿي ويو ۽ ھن جي فوج ڊياز واري وفاقي فوج جي ڪئائوٽلا واري جنگ ۾ شڪست ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ان بعد جڏهن انقلابي اڳواڻ مڊيرو صدر ٿيو تہ اھو زاپاٽائي تحريڪ سان لاتعلق ٿي انھن کي ڌاڙيلن جو ٽولو قرار ڏئي ڇڏيو. نومبر1911ع ۾ زاپاٽا پلان ڊي ايالا جي نالي سان زميني اصلاحن کي لاڳو ڪندي زمينن جي ھارين ۾ نئين سر تقسيم شروع ڪئي تہ مڊيرو زاپاٽائي تحريڪ جي موريلوس رياست مان پاڙ پٽڻ لاء وفاقي فوج موڪلي انھن تي چڙھائي ڪئي. وفاقي فوج ڳوٺن کي ساڙي آبادي کي جبري طور تي منتقل ڪرڻ شروع ڪيو تہ زاپاٽا جي تحريڪ کي اڃان طاقت ملي وئي ۽ ھن وفاقي فوج کي موريلوس مان ٻاھر ڌوڪي ڇڏيو. فيبروري 1913ع ۾ مڊيرو جي خلاف بغاوت ٿي ۽ ھيورٽا (Huerta) ان کان اقتدار کسي ورتو پر ان کي اتر ميڪسيڪو جي آئينيت جي حامين جي وينوستيانو ڪرانزا (Venustiano Carranza)، آلوارو اوبريگان (Álvaro Obregón) ۽ فرانسسڪو پانچو ولا ([Francisco "Pancho" Villa) جي سربراهي ۾ اتحاد جولاءِ 1914ع ۾ زاپاٽا جي فوج جي مدد سان اقتدار کان ٻاهر ڪيو. انسائيڪلوپيڊيا برٽنيڪا مطابق مڊيرو سان زميني اصلاحن تي نہ ٺھندي زاپاٽا گوريلا جنگ شروع ڪري ھيسيئنڊاز (وڏن زميندارن) کان زمينون کسي ھارين کي ڏيڻ شروع ڪيون. ھن منڊيرو کي اقتدار کسي قتل ڪندڙ جنرل وڪٽريانو ھيورٽا کي شڪست ڏئي[1]. .

زاپاٽا ۽ ولا پنھنجي گڏيل فوج سان گڏ 6 ڊسمبر 1914ع ۾ ميڪسيڪو ۾ داخل ٿيندي

ڪرانزا جي اقتدار کي تسليم نہ ڪيو ۽ پنھنجي زميني اصلاحن واري پروگرام تي عمل شروع ڪيو. انقلابين جي ھيورٽا تي فتح بعد انھن اگئاسڪيلائنٽيز جي ڪنوينشن ذريعي پنھنجي طاقت جي تعلقاتن کي نبيرڻ جي ھڪ ناڪام ڪوشش ڪئي. زاپاٽا ۽ ولا ڪرانزا کان ٽٽي ويا ۽ ميڪسيڪو انقلاب آڻيندڙن طرفان گھرو ويڙھ جو شڪار ٿي ويو. فرانسسڪو پانچو ولا سان اتحاد ۾ مايوسي ملڻ بعد زاپاٽا پنھنجي اختيار واري علائقي موريلوس ۾ سماجي تعمير نو ۾ لڳي ويو ۽ تجويزيل زميني اصلاحن کي لاڳو ڪيو. ڪرانزا پنھنجي طاقت مرڪوز ڪندي ولا کي 1915ع ۾ شڪست ڏني. ڪرانزا موريلوس م ڪاھي آيو ۽ زاپاٽا ان خلاف گوريلا جنگ جو آغاز ڪيو. 1917 ۾ زاپاٽا موريلوس تي ٻيھر قبضو ڪري ورتو ۽ ويڙھ جاري رھي.

10 اپريل 1919 تي نڪتل زاپاٽا جي لاش جي ھڪ تصوير

10 اپريل 1919 ۾ زاپاٽا ھڪ گھات لڳايل حملي ۾ مارجي ويو. ميڪسيڪو جي 1917 جي آئين جو آرٽيڪل 27 سندس زرعي مطالبن جي ڪري وڌو ويو ھو<ref>Centeno, Ramón I. (2018). "Zapata reactivado: una visión žižekiana del Centenario de la Constitución" (en ۾). Mexican Studies/Estudios Mexicanos 34 (1): 36–62. doi:10.1525/msem.2018.34.1.36. </re

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 Britannica CONCISE ENCYCLOPEDIA-© 2006 BY ENCYCLOPÆDIABRITANNICA, INC.-Encyclopædia Britannica and other fine products are available on the Internet at http://www.britannica.com. (Trademark Reg. U.S. Pat. Off.) Printed in Peru. -page#. 2103 -