ايلميتي خط

ميسوپوٽيميا ۾ قديم ٻولي

ايلميتي خط (Elmiti Script ):ايليميتي/ايلمائٽي هن وقت ڪٿي به ڪا نه ٿي ڳالهائجي. موقوف (Extinct) -ٻولي- آهي. پر 600 ق. م ۾ هيءَ پرشين امپائر جي سرڪاري -ٻولي- هئي. سڪندراعظم جڏهن -ايران- تي چڙهائي ڪئي ته هيءَ -ٻولي- خاصي حالت ۾ موجود هئي. هي ڪا هڪ رات ۾ ڪانه اڀري هوندي نه ڪو هڪ سال ۾ ختم ٿي هوندي. ٻوليون صدين جو سفر ڪري اڳتي اچن ٿيون ۽ صدين جو سفر طئي ڪري پنهنجي طبعي حالت کي پهچي ختم ٿي وڃن ٿيون. هن جا ٽي قسم ٻڌايا وڃن ٿا:

ايلمتي خط ۾ لکيل ھڪ پراڻو قطبو

1. پراڻي المائيٽي: Proto- Elmite هي تمام پراڻي لکت جو نمونو آهي، جيڪو -ايران- ۾ رائج هو. جيڪو مٽيءَ جي ننڍڙين ٽڪين (Tablet) تي لکيل آهي ۽ ڪيترن ئي ايراني قديم ماڳن -تان- مليون آهن. هن جون 1000 کان مٿي نشانيون (Symbols) مليون آهن؛ جيڪي پڙهجي نه سگهيون آهن. هي ميخي خط (Cuniform) جي سڌريل صورت آهي. 2. ليڪائين ايلمائيتي Linear Elmite: هيءَ لکت -ايران- جي ڪن مقبرن -تان- ملي آهي. هيءَ اوا ايلمائيٽي مان نڪتل چئي وڃي ٿي. پر ڪا پڪي ثابتي نه ملي آهي. 3. ميخي ايلمائيتي (Cuniform ):هيءَ لکت 2500 ق. م کان 331 ق. م تائين استعمال هيٺ رهي آهي. هيءَ لکت اڪادي خط -تان- ورتل آهي. هن ۾ نشانيون (Symbols) گهٽ استعمال ٿيل آهن. المائيٽي ٻوليءَ جو سامي، سنڌو يورپيائي، ۽ سميري ٻولين سان گهرو سنٻنڌ هو جو هيءَ لکي به سميري خط ۾ ويندي هئي. ڪن جو چوڻ آهي ته هيءَ دراوڙي -ٻولي- آهي ۽ اصل دراوڙين جي ايلام ٻوليءَ جا نشان آهن. جو دراوڙ هندوستان کان چار هزار ق.م انهيءَ پاسي ڏانهن طبعي حالتن جي ڪري لڏي آيا هئا ته پاڻ سان -ٻولي- به آندي هوندائون. ايلام وڏو قبيلو هو، جيڪو ڏکڻ هندستان کان لڏي اُر تائين ويو هو. -ان- تي -تحقيق- ٿي آهي.[1]