”ايسپ جون آکاڻيون“ دنيا جي قديم ۽ عام پسند ڪتابن مان هڪ ڪتاب آهي، جنهن جو ترجمو دنيا جي مڙني مک ٻولين ۾ ٿي چڪو آهي. اهي آکاڻيون اڄ کان سوا ٻه هزار ورهيه اڳ لکيون ويون هيون. هنن آکاڻين جو لکندڙ ايسپ، روم ۾ 620 ق. م ڌاري ڄائو، ۽ بيلنيءَ ۾ 544 ق. م ۾ ماريو ويو. هن کي ايسپ -ان- ڪري چئجي ٿو، جو هو ڪُٻو هو ۽ ڪُٻي کي يوناني ٻوليءَ ۾. ايسپ“ چوندا آهن. ايسپ پنهنجي ڏاهپ جي ڪري ايڏو ته مشهور ٿيو، جو بعد ۾ ڪيترن ٻين ڏاهن کي سندن ملڪ جو ايسپ سڏيو ويو. مثلاً: حضرت لقمان (پنجين صدي ق. م) کي ”عربستان جو ايسپ“، جان گي (1732- 1688ع) کي. -انگلنڊ- جو ايسپ“ جين ڊي لافٽٽين (1621- 1695ع) کي ”فرانس جو ايسپ“، -بيد- پاءِ (ٽينءَ صدي ق. م) کي ”هندستان جو ايسپ“ وغيره سڏيو ويو. ايسپ جي آکاڻين جو پهريون مجموعو، حضرت عيسيٰ جي ولادت کان 400 سال اڳ، يونان ۾ پڌرو ٿيو، جنهن مان هن ڪتاب جي قدامت جو -پتو- پوي ٿو. ابتدا کان ئي هنن آکاڻين جي واکاڻ ديسان ديس مشهور هئي. 1484ع ۾، ”ڪئڪسٽن“ -انگريزي- ٻوليءَ ۾ هنن آکاڻين جو ترجمو ڪيو، جنهن کان پوءِ 1665ع ۾ ”جانارگلبي“ هن ڪتاب جو اختصار پيش ڪيو. سنڌي زبان ۾ پهريون دفعو 1854ع ۾ ديوان ننديرام ميراڻيءَ، سنڌ جي تڏهوڪي اسسٽنٽ ڪمشنر، ايلس صاحب، جي معاونت سان، ترجمو ڪري، هيءُ ڪتاب ڇپايو. -ان- کان پوءِ منشي اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻيءَ، ايسپ جون 105 آکاڻيون چونڊي سنڌيءَ ۾ ڪتاب شايع ڪيو، انهيءَ ترجمي جي پهرئين ڇاپي جو سال نٿو ملي، پر جيئن ته منشي صاحب 1884ع ۾ وفات ڪئي آهي، تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته اهو ڪتاب 1883ع کان اڳ ڇپيو آهي. سال 1900ع تائين هن ڪتاب جا ڇهه ايڊيشن شايع ٿي چڪا هئا. هيستائين رڳو سنڌي زبان ۾ ئي هن ڪتاب جا 9 ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن. دنيا جي ڪابه سڌريل -ٻولي- اهڙي ناهي، جنهن ۾ ايسپ جي آکاڻين جو ترجمو نه ٿيو هجي. هيءُ ڪتاب جملي 217 آکاڻين تي مشتمل آهي. اصل ۾ هيءُ ڪتاب هڪ نصيحت نامو آهي، جنهن ۾ ايسپ پنهنجا تجربا لکيا، انهن ۾ موجود صلاحون ۽ هدايتون، آکاڻيون، ٻارن، جوانن، پوڙهن، عالمن ۽ طالب علمن کي هڪ جهڙو لطف ڏين ٿيون، ايتري قدر جو چون ٿا ته دنيا جو مشهور فيلسوف سقراط به نظربنديءَ واري زماني ۾ هن ڪتاب جو مطالعو ڪندو هو. ايسپ جون آکاڻيون ڪيترن ئي ملڪن جي اسڪولي نصاب ۾ شامل آهن. سنڌيءَ جي درسي ڪتابن ۾ پڻ اهي آکاڻيون شامل رهيون آهن.[1]

حوالا سنواريو