ايسٽيرسڪس
ايسٽيرسڪس :تاري واري نشاني: (*) : ASTERISKS:
* | |
---|---|
ايسٽيرسڪس | |
Related | |
In other scripts | |
هي لفظ اصل گريڪ زبان جو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ننڍو تارو. هي نشاني پهرئين ته انهيءَ جاءِ تي ڪم ايندي آهي جتي هن وقت ٻوڙي (Dot) ڏني وڃي ٿي يا جتي ڪجهه لفظ يا اکرن يا جملن کي ڇڏي ڏبو آهي، اتي اهي نشانيون هڪ کان وڌيڪ ڏنيون وينديون هيون. ابتدا ۾ اهڙي نشاني پوري دم ۽ پئراگراف جي پوري ٿيڻ تي ڏني ويندي هئي يا ڪنهن لفظ يا اکر جي اصلاح بابت نشاندهي ڪرڻ لاءِ ڏني ويندي هئي جنهن بابت وڌيڪ حاشي ۾ لکيو ويندو هو يعني موجوده فٽ نوٽ لاءِ جيڪا نشاني ڏني وڃي ٿي.
مثال:
گهڻو وقت بيمار رهڻ کان پوءِ شهنشاه گذاري ويو دفنائڻ جي رسم ادا ڪرڻ کان پوءِ حڪومت جون واڳون ٻين کي سنڀالڻ لاءِ ڏنيون ويون.
موجوده ادبي تحقيق ۾ هي نشاني حاشي ۾ ڏنل مواد جي لاءِ ڪم ايندي آهي.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ {ڪتاب: تحقيق جو فن؛ از: ڊاڪٽر غلام حسين ؛ پھريون ايڊيشن 1983، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book48/Book_page20.html. Missing or empty
|title=
(مدد)}