ايرينگ

ڪن ۾ پاتو ويندڙ زيور

ايرينگ ڪنن ۾ پائڻ جو ڳھ. هي فئشني زيور ليکبو آهي، جيڪو ميناڪاريءَ، ڇِلائيءَ، ڄاريءَ جي جڙاءَ سان جڙندو آهي. جست، نِڪل، سون ۽ چانديءَ مان بہ جوڙيو ويندو آهي. ڪوڏين، مڻڪن ۽ موتين مان بہ جوڙيو وڃي ٿو. هن زيور تي ايرينگ نالو انگريزيءَ جي ٻن لفظن “Ear-Ring”جي ڪري پيو، جنھن جي لفظي معنيٰ آهي ”ڪن جو ڇلو“. سنڌ ۾ اهو نالو ايرينگ تہ استعمال ۾ آيو ۽ مروج ٿي ويو، پر ان زيور جي شڪل مخصوص نموني جي متعارف ٿي، جيڪا ٻين ڪنن جي زيورن کان بلڪل مختلف آهي. ايرينگ ’رائيدار‘ بہ ٿين تہ ’واٽائين‘ وارا بہ جڙن. ايرينگ مختلف نمونن جا جوڙيا ويندا آهن. پر انھن جي خاص نشاني اها ٿئي تہ ڪَن ۾ پائڻ لاءِ منجهن ڪُنڍو لڳل هوندو آهي ۽ ٻي نشاني اها تہ ايرينگ کي پاپڙيءَ ۾ ننڍو موتي ۽ هيٺ سڌائيءَ ۾ ٻڙن جي جهالر لڙڪيل ٿيندي آهي. ڳيچن، سھرن ۽ لوڪ گيتن ۾ پڻ ايرينگن جو ذڪر اچي ٿو.[1]