اراٽوسٿينز (Eratosthenes) موجوده ليبيا جي ھڪ جاء سائريني ۾ سال 276 ق.م. ۾ پيدا ٿيو. يوناني دنيا ۾ سفر ڪندو رھيو. اٿينز ۽ اسڪندريا ۾ تعليم حاصل ڪيائين ۽ پوءِ اسڪندريا جي عظيم لائبريري جو لائبريرين بڻيو. ھي ھڪ يوناني فلڪيات دان ۽ رياضي دان ھو. ھي پھريون فرد ھيو جنھن زمين جي جسامت کي ماپيو. ھن کي جاگرافيءَ جو باني سمجھيو ويندو آھي. نه رڳو ھن لفظ جاگرافي کي بيان ڪيو پر اهڙا اصول بہ ڏنا جن ذريعي ڌرتيءَ تي جاين کي ماپڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو رھيو.[1]

مصور برنارڊو اسٽروزي جي ٺاھيل پينٽنگ جنھن ۾ ايراٽوسٿينيز کي اسڪندريہ جي لائبريري۾ پڙهائيندي ڏيکاريو ويو آهي
ايراٽوسٿينيز
Eratosthenes
An etching of a man's head and neck in profile, looking to the right. The man has a beard and is balding.
پيدائش 276 BC
Cyrene
سائريني
وفات 194 BC
اسڪندريه
پيشو
  • اسڪالر
  • لائبريرين
  • موجد
شھرت جو ڪارڻ Sieve of Eratosthenes جاگرافي جو باني
تصوير آفريقا جو پاسو ڏيکاريل آھي جتي اسڪندريا ۽ سئين جي مٿان سج جا ڪرڻا ڏيکارجن ٿا جن جي مدد سان ايراٽوسٿينيز زمين جو قطر ماپيو

پنھنجي دؤر جي سڀ کان عظيم مصر جي گاديءَ جي ھنڌ اسڪندريا ۾ ھڪ شخص اريسٽوٿينز ھيو. ان سا ھڪ حسد ڪندڙ ھم عصر کيس بيٽا (beta) چوندو ھيو جيڪو يوناني ٻوليءَ جو ٻيون نمبر اکر آھي. ان جو چوڻ ھيو تہ اريٽوسٿينس دنيا جي ھر علم ۾ ٻيون نمبر آھي، پر ھاني اھو ثابت ٿي چڪو آهي تہ ھي ھر علم ۾ الفا (alpha) يعني پھريون نمبر ھو. ھي ھڪ ماھر فلڪيات، تاريخ دان، شاعر، فلسفي، جاگرافي دان، ڊرامي جو نقاد، رياضي دان ۽ ان کان سواءِ اسڪندريا جي شاندار لائبريري جي نگران اعلي بہ ھيو. ان جيڪي ڪتاب لکيا ان جا موضوع علم فلڪيات کان وٺي "سور کان نجات" تائين ڦهليل آهن. ھڪ ڏينهن لائبريري ۾ وڻ (papyrus) جي ڇوڏي تي لکيل ھڪ ڪتاب ۾ پڙھيائين تہ سائني (Syene) جي ڏاکڻي سرحدي علائقي ۾ نيل نديءَ جي پھرين آبشار ويجھو 21 جون جي منجھند جو زمين تي ٽنبيل عمودي يا اڀي سڌي ڪاٺيءَ جو پاڇو نہ ٿيندو آهي. جڏھن سج گرمين ۾ خط استوا جي صفا اتر يا ڏکڻ ۾ ھوندو آھي يعني سال جو سڀ کان وڏو ڏينهن. جيئن جيئن منجھند ٿيندي آھي تہ مندرن جي منارن جا پاڇا ننڍا ٿيندا ويندا آهن ۽ بلڪل ٻن پھرين جي وقت غائب ٿي ويندا آهن ۽ سج جو عڪس اونھي پاڻيءَ واري کوھ ۾ به ڏسي سگھبو آھي جو سج بلڪل مٿي جي مٿان ھوندو آھي. اھو ھڪ مشاھدو ھيو جيڪو ڪوئي بہ عام ماڻھو آساني سان نظر انداز ڪري سگھيو پئي. پر ارسٽوسٿينس جي حاضر دماغي کيس ھڪ تجربي ڪرڻ جو خيال ڏنو تہ ڇا 21 جون تي اسڪندريا ۾ عمودي يا اڀي ڪاٺي ٽنبڻ سان پاڇو ڏيندي. جڏھن ڪري ڏٺئين تہ خبر پئي تہ پاڇو ڏئي پئي. ھن پاڻ کان سوال ڪيو تہ اھو ڪيئن ممڪن آهي ساڳي وقت ساڳي ڪاٺي سائني (Syene) ۾ پاڇو نہ پئي ڏي ۽ 800 ڪلوميٽر پري اسڪندريا ۾ وري پاڇو ڏيکاري پئي. جيڪڏهن ٻنھي ھنڌن تي ساڳي وقت آھي پاڇو نہ ڏيکارن ھا يا ٻنھي طرف برابر پاڇو ڏيکارن ھا تہ ان جو مطلب صاف اھو ھجي ھا تہ زمين پليٽ وانگر سڌي آھي پر ھتي صورتحال مختلف ھئي اريٽوسٿينس سمجھي ويو تہ ان جو ممڪن جواب صرف اھو آھي تہ زمين گول آھي ۽ جيتري زمين جي گولائي ھوندي اوترو ڊيگھ ۾ پاڇن جو فرق ھوندو. ھن ڏٺو تہ نقشي ۾ اسڪندريا ۽ سائني جي وچ ۾ زميني فاصلي تي ٻنھي ڪاٺين جي ٽنبڻ واري جاء کي زمين جي مرڪز سان ملائجي تہ اھي لڪيرون ھڪ ٻئي کي ڪٽڻ وقت ست ڊگري جي جي ڪنڊ ٺاھينديون جيڪا 360 ڊگري جو پنجاھون حصو آهي يعني زمين جي مڪمل قطر جو پنجاھون حصو. جڏھن ان 50 کي اسڪندريہ ۽ سائني جي ماپيل 800 ڪلوميٽر فاصلي سان ضرب ڪئي تہ نتيجو 40,000 ڪلوميٽر نڪتو جيڪو ھن مطابق زمين جو قطر ھيو. اھو اڄوڪي ماپيل قطر کان معمولي فرق سان بلڪل صحيح جواب ھيو. ٻه ھزار سال اڳ زمين جو قطر معلوم ڪرڻ ۾ ارٽوسٿينز جيڪي اوزار استعمال ڪيا اھي ٻہ ڪاٺيون، اکيون، پير، دماغ ۽ تجربي ڪرڻ جو شوق. اھا ھڪ حيرت انگيز ڪاميابي ھئي جنھن سان ھڪ گرھ جي ماپ جي خبر پئجي وئي.[2]

  1. ڪتاب:سائنس اور سائنسدان؛ ليکڪ:ايڊم ھارٽ،ڊيوس جان فرينڊن٬ ڊين گرين؛ ايڊيشن:،2018؛ تخليقات پبلشرز،لاھور
  2. {کتاب: کائنات؛ از:کارل ساگان؛ ترجمہ :منصور سعید؛اشاعت:1996؛ پبلشرز: فکشن ہائوس، لاہور }
 
سن 194 ق م ۾ ايراٽوس ٿينيز پاران ٺاھيل دنيا جو نقش
 
Sieve of Eratosthenes: algorithm steps for primes below 121 (including optimization of starting from prime's square).