اوڏڻ (گيت)
اوڏڻ گيت سنڌ جي لاڙ واري حصي ۾ عام رائج آهي. هن گيت جو تعلق ”لاکي ۽ اوڏڻ“ جي مشھور نيم تاريخي عشقيہ داستان سان آهي، جنھن ۾ ڄام لاکي، اوڏڻ جي سونھن تي موهت ٿي ساڻس شادي ڪئي هئي. شاديءَ بعد هن اوڏن کي مال دولت سان مالا مال ڪيو هو. ڄام لاکي جي سخا ۽ اوڏڻ جي نھٺائي هن گيت جو مرڪزي مضمون آهي. اوڏڻ، ڄام لاکي جي سونن ڳھن کان انڪار ڪندي چئي ٿي تہ[1]:
- ”اسين اوڏ، مٽيءَ جا ڪوڏ، ڪهڙو لاڏ اوڏڻ سان!“
- هن گيت جون ٻہ روايتون مليون آهن، جيڪي هيٺ ڏجن ٿيون.
- وراڻي: ’اسين اوڏ، مٽيءَ جا ڪوڏ، ڪھڙو لاڏ اوڏڻ سان‘
- ڪهڙو لاڏ اوڏڻ سان، ڦٽو ڪر شان -اوڏڻ- سان،
- اسان جو پکڙن سان آهي پيار.....
- سونيون دهريون ٿو ڏيانءِ، سڻ تون اوڏڻ ٻائي!
- سي تہ سُونھن تنھنجي راڻين کي، سڻ راجڙي سائين!
- اسين اوڏ، مٽيءَ جا ڪوڏ، ڪھڙو لاڏ اوڏڻ سان...