اوڏ (انگريزي: Odd People) قديم ماڻهو ”دراوڙ“ نسل مان آهن ۽ گهڻو ڪري گڏهن تي مٽي کڻڻ ۽ ڀتين جوڙڻ جو ڪم ڪندا آهن. سندن انهيءَ ڪم کي ”اوڏڪو ڪم“ چوندا آهن. سنڌ ۾ اوڏ مسلمان به آهن ته غيرمسلم به. راجپوتن وانگر هن نسل جون به نکون آهن. مثلاً راٺوڙ، پرمار، چوهاڻ ۽ ڀٽي وغيره. هنن جو پير رامڏيوُ آهي. اوڏن سان منسوب ڪيترائي ڪردار لوڪ ادب جو حصو آهن.[1]اصل مارواڙ جا ھندو ماڻھو آھن ۽ انھيءَ پاسي جي گڏيل ٻولي ڳالھائيندا آھن. اڪثر مسلمانن جھڙي شڪل اٿن ۽ ڪپڙا به اھڙا ڍڪيندا آھن. ڀتيون اڏيندا آھن. سندن پير رام ديو آھي. اُنهن جا به گھڻا فرقا آھن: راٺوڙ، پرمار، ڀٽي، چوھان وغيره.[2]سنڌ ۾ هن وقت جيڪي ”اوڏ“ آهن، سي اصل دراوڙن جي ڪل مان آهن. اهي اصل ڏکڻ هندستان ۾ هئا، اتر هندستان ڏي اچڻ کان اڳ واٽ تي جيڪو هنڌ اول وسائي ويٺا، سو هنڌ سندن نالي پٺيان ”اوڏر ديش“ سڏجڻ ۾ آيو، جنهن جو اُچار پوءِ ڦري ”اوڙيسا“ (Orissa) ٿيو. بمبئيءَ کاتي جي ذاتين جو ذڪر ڪندي، هيءَ حقيقت اينٿوون صاحب ڄاڻائي آهي. انهن اوڏن مان پوءِ ڪي مارواڙ ويا، جتان پوءِ سنڌ ۾ آيا؛ پر ٻولي اڄ تائين مارواڙين جهڙي ڳالهائيندا آهن، اهي اصل هندو آهن، پر اڪثر مسلمانن جهڙي شڪل اٿن، ۽ ڪپڙا به اهڙا ڍڪيندا آهن. سندن پير رامڏيو آهي. جنهن جو ميلو سال بسال لڳندو آهي. ”اوڏ“ لفظ جي بنيادي معنيٰ آهي ”اڏيندڙ“؛ اهي اڄ تائين ڀتين جون اوساريون کڻندا آهن.[3]

سنڌ ۾ اوڏ سنواريو

هيءَ هند يورپي، هند ايراني، هند آريائي اڻ ڄاتل خاندان مان آهن. ڪن عالمن جو خيال آهي ته هي سنڌ جا پراڻا راهواسي آهن. ٿي سگهي ٿو دراوڙي نسل جا هجن.سنڌ ۾ اوڏ هنرمند، عمارت ساز آهن. ڪافي تعداد ۾ رهن ٿا. هاڻي هنن وٽ تعليم به ڪافي آهي. جيئل اوڏ مشهور سنڌي اديب آهي. اوڏ چون ٿا ته اوڙيسا هندوستان وارو خطو اصل ۾ اوڏر ديس آهي. سندن اصل ٻولي اوريائي آهي. جي ائين آهي ته هي اصل شايد دراوڙ آهن. هي 80 سيڪڙو سنڌي ۽ 10 سيڪڙو اردو ڳالهائين ٿا.

اوڏن جون ذاتيون سنواريو

هر هڪ قوم ۾ ذاتيون ۽ پاڙا هوندا آهن، اهڙي طرح اوڏ قوم به ڪيترن ذاتين ۾ ورهايل آهي، جن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿيون[4]: (1) کَروڙَ، (2) سَروَڻ، (3) مَجوڪا، (4) ڪَلِيهَا، (5) بيروڪَا، (6) جيپڙوت، (7) ڏَيواتَ، (8) گَڏائِي، (9) نگيئا، (10) چوڙا، (11) مڏاهي، (12) گونڏڙي، (13) ڊَهاگَ، (14) جيئاڻي، (15) ساڏِي، (16) ڏوڏيئا، (17) اُڏيسِي، (18) گَڙگٽ ۽، (19) پَاڻيهِيا وغيره[4].

اوڏن جا سنڌ م مذھبي بزرگ سنواريو

هي سمورا وفات ڪري ويا آهن[4]:
(1) کٽڻ فقير: ذات کڏائي، خانپور گهوٽڪي، سندس سماڌ آهي.
(2) ڀڳت سائين: کٽڻ فقير جو والد.
(3) ڏکڻ فقير: کٽڻ فقير جو ڀاءُ، ٻئي ڀائر هڪ ٻئي جي ڀرسان رکيل آهن
. (4) ڪَرَل فقير: کٽڻ فقير جي خاندان مان آهي.
(5) ڪلياڻ فقير: ذات جو پاڻيهو، آدم شاهه جي آمهون سامهون، آدم شاهه جي ٽڪريءَ تي سکر ۾ پوريل آهي
. (6) ڪوجهو فقير: جاڳڻ، ضلع شڪارپور ۾ سندس سماڌ آهي
. (7) ٽِلُو فقير: ذات سروڻ، ڳوٺ لال چوهڙ تعلقه مديجي.
(8) جِيئو فقير: ڪنڌ ڪوٽ شهر، ضلع جيڪب آباد.
(9) ڏينڀو فقير: ڏينڀو فقير ذات گڙه گٽ، سيٺار جي جي ڀرسان. هن درويش تي جڏهن به اوڏ گڙگٽ ذات وارا ويندا آهن ته ريلوي اسٽيشن تان لهڻ سان عورتون (جيڪي نُهرون هونديون آهن) رَئي سان گهونگٽ ڪڍنديون ۽ فقير جي زيارت تائين سندس گهونگهٽ (منهن لِڪل) رهندو آهي ۽ واپسي تي به اسٽيشن تائين سندن گهونگهٽ نڪتل هوندو آهي، ورنه کين نقصان پهچندو اٿن.
(10) منشا فقير: ذات جو گڙگٽ، ابوبڪر مقام، لاڙڪاڻه، جتي سندس سماڌ آهي.
(11) ڏاڏا ولي: خانپور ضلعي دادو جي ڀرسان.
(12) هيرو فقير: ذات ڪليهو، ڀورٺي تعلقه ڪنڊيارو.
سماڌي بابت معلوم ٿيو ته ان بزرگ کي ويهاري، ان جي چوڌاري لوڻ وجهي، پوءِ مٿان مٽي وجهي پوريو ويندو آهي[4].

اوڏن جو مذهب سنواريو

اوڏ ديويءَ جا پوڄاري آهن ۽ هندو ڌرم سان واسطو رکن ٿا. ڪن ڪن اوڏن وٽ پراڻي وقت کان ديويءَ جا پتلا هلندا اچن ۽ ديويءَ جا ٿانَ آهن. جڏهن به ٻارن جون شاديون وغيره ڪرڻيون هونديون آهن ته پهريائين پَٺِ يا سَهيبا ديويءَ تي ڏيندا آهن. پَٺِ جو مطلب آهي ڇيلي جي قرباني، جيڪا ديويءَ جي منَت ڏيندا آهن. ٻيا وري سَهيبا ڏيندا آهن، اُهي نقد پئسن جي صورت ۾ ڏنا ويندا آهن. ان کان علاوه هر هڪ گهر ۾ ”پِتَر“ ٺهيل هوندا آهن. پِتَر ڇا آهن؟ پِتَر خاندان جي وڏڙن جا روح آهن يا وري جيڪي ننڍڙا ٻار مري ويندا آهن، انهن جي روحن کي ”پتَر“ چيو ويندو آهي ۽ ان کان علاوه جيڪي به مرد شاديءَ کان سواءِ اڳ ۾ مري ويندا آهن، انهن کي به پتَرن ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو. [4]گهر جي هڪ صاف ۽ ڪنڊائتي جڳهه تي مٽيءَ جا هڪ يا ٻه کُڏڪڻا ٺاهيا ويندا آهن ۽ اهي پوءِ ٿي پيا پَتَر. پوءِ اُن کُڏۡڪڻي ۾ هر روز سج لٿي مهل ننڍڙي صاف گلاس سان وڏي احترام سان مٿي تي ٽوپي پائي يا ڪپڙو رکي ۽ پيرن مان جُتي لاهي، پاڻي وجھي ۽ ان بعد مٿو ٽيڪي هٿ ٻَڌي سلامتيءَ لاءِ دعا گهرندا آهن. اوڏن جو خيال آهي ته جيڪڏهن پترن کي پاڻي نه ڏبو ته گڏهه منڊا ٿيندا ۽ تڪليفون درپيش اينديون. ان ڪري پترن کي خوش ڪرڻ لاءِ هر روز پاڻي ڏيڻ ضروري آهي ۽ خاص ڪري عيدن ۽ خوشيءَ جي ڏڻن تي پترن تي چڙهاوا پڻ ڏنا ويندا آهن ۽ اوڏن جو آواگون تي يقين آهي.[4] سنڌ ۾ اوڏ قوم پنهنجي مذهب سان گڏ مسلمان اوليائن ۽ درويشن جي وڏي عزت ڪن ٿا ۽ انهن جي درگاهن ۽ روضن تي حاضري ڏين ٿا، خيرخيراتون ڪن ٿا، خاص ڪري پيران پير دستگير کي ڏاڍو مڃيو وڃي ٿو، قرآن پاڪ جي عزت ڪئي وڃي ٿي ۽ ان تي رومال ۽ پوتيون پارايون وڃن ٿيون[4]. راما پير اوتار کي به ڏاڍو مڃيو وڃي ٿو. ان جو ميڙو (روزو) جيڪو 9 ڏينهن جو ٿئي، اهو رکيو ويندو آهي. ان ميڙي ۾ ماس ۽ مڇي يعني ساهه واري شيءِ نه کاڌي ويندي آهي. اِهو ميڙو آخرين ڏينهن تي ناريل ۽ ڪَنڊيءَ جي ٽاريءَ تي ڇوڙيو ويندو آهي[4].

اوڏ قوم جو ڌنڌو سنواريو

اوڏ قوم جو اصلي ڌنڌو آهي ڀتيون جوڙڻ ۽ ٺاهڻ، ڇو ته اوڏ لفظ جي بنيادي معنيَ ئي آهي اڏيندڙ. اوڏ ويچارا خانه بدوشن وانگر اڄ هِتِ ته سڀاڻي هُتِ، جتي ڪم لڳو اُتي وڃي پنهنجا پکا اڏين. پکي کي اوڏڪي ٻوليءَ ۾ ”سَرڪي“ چيو ويندو آهي. پکو ٻن قسمن جو هوندو آهي، هڪڙو سَرَ جي تيلين مان ٺهيل ۽ ٻيو پَنِ جي تيلين مان ٺهيل، ليڪن ٻنهي مان سَرَ جي تيلين وارو وڌيڪ مقبول آهي ۽ وزن ۾ به هلڪو ٿئي. پَکي مان چڱو ڀلو مينهن وَهي نه سگهندو اهي، باقي جيڪڏهن تيليون وغيره ڀڳل هونديون ته مينهن وغيره وَهي هلندو. گهڻا اوڏ جيڪي ڪچي ڀرسان رهندا آهن، جتي ٻُوڙا وغيره جام ٿين ۽ پکي لاءِ تيليون ملي سگهن ته پوءِ پکا پاڻ ٺاهيندا آهن، ورنه بازار مان خريد ڪيا وڃن ٿا.[4]

اوڏڪي ٻولي سنواريو

اوڏڪي ٻولي مارواڙي ٻولي سان گهڻو ملي جلي ٿي چند جملا هيٺ ڏجن ٿا[4].

نمبر سنڌي اوڏڪي
1 تون ڇا پيو ڪرين؟ تون ڪا، ڪري، تا؟
2 مان پڙهان ٿو. مين، پَڙهين، پَلا.
3 تنهنجي پيءَ جو نالو ڇا آهي؟ تڌي، ٻا، چي، نا، ڪا، هي؟
4 تون ڪٿي ويٺو آهين؟ تون ڪٺي ٻيلها، هتا؟
5 تو وٽ گهڻا گڏهه آهن؟ تو، کن، گهڻين، گاڙهين هتسين؟
6 تون ڇا تي ڪمائيندو آهين؟ تون ڪي، ڦر، ڪماوي تا؟
7 مان گڏهن تي ڪمائيندو آهيان. مين، گاڙهان پر، ڪماوين هين.

ان کان علاوه گڏهه کي ”گاڙو“، لَسيءَ کي ”ڇاڇڙي“، مڇيءَ کي ”ماڇڙي“، کٽ کي ”کاٽ“، ڪوڏر کي ”پاوڙا“، مسلمان مرد کي ”گوچا“ واڻئي کي ”باڻئا“، وارن کي ”چوڻي“، هٿن کي ”هاٿ“، پيرن کي ”پڳ“، مٿي کي ”ٺوڏ“، سلوار کي ”سُوٿڻ“، رلهي کي ”کَنڌولي“، باهه کي ”جاکتي“، پکيءَ کي ”سَرڪِي“ ۽ پاکڙي کي ”جتري“ چيو وڃي ٿو[4].

کاڌ ۽ خوراڪ سنواريو

کاڌ ۽ خوراڪ ۾ هر اها شيءِ حلال آهي جيڪا هندو ڌرم ۾ جائز آهي. اوڏ جيترا محنتي آهن، اوترا کائڻ جا به شوقين آهن. ڇيلا ۽ گهٽا شوق سان کائين . ڄنگهن وارين نَرين مان خاص ننڍيون نريون وڍي ٺاهيندا آهن ۽ انهن ٺاهيل نَرين کي چون ”گوڙيئين“ يا ”نَگَ“.
انهن جا چار قسم ٺهيو پون: (1) سائو، (2) بَهو مار، (3) ريڍيئي ۽ (4) بندوق.
سائو گوڙيئو قدر ۽ لحاظ کان چئني قسمن کان وڏو ٿيندو آهي، جيڪو مهمان کي ڏنو ويندو آهي، ان کان بعد باقي ٻيا عمر ۽ مرتبي آهر ٻين مرد ڀاتين کي ڏنا ويندا آهن. مهمان لاءِ الڳ ڀاڄي تيار ڪئي ويندي آهي، ان ڀاڄيءَ کي چون ”لوڻ ماس“. اها ڀاڄي بغير داڳ جي رڌي ويندي آهي (ليڪن هينئر ڪٿي ڪٿي. داڳ جو به رواج آهي). اوڏ ڇيلي جي آنڊي مان هڪ خاص شيءِ تيار ڪن، جنهن کي چون ”آنتر ٻيڙي“ ۽ پوءِ اها ”لوڻ ماس“ سان گڏ رڌي ويندي آهي ۽ کائڻ ۾ ڏاڍي لذيذ ٿئي[4]. مهمان کي ان مانيءَ کان علاوه ٻي ماني به کارائين، جنهن کي چون ”گهين مٺائي“ يعني ڳهه ۽ مٺائي واري دعوت. اوڏن وٽ خاص قسم جا ڪُٽ جا وڏا وٽا آهن، جن کي ”ڀيڻيئي“ چيو ويندو آهي، جيڪي سائيز ۾ وچولي ٿالهه جيترا وڏا ۽ اونهان ٿيندا آهن[4]. مهمان کي ماني ڏيڻ وقت اُن وَٽي ۾ پنج ۽ ڇهه ڪڻڪ جون مانيون وجهي، ان جي مٿان مٺائي يا کنڊ وجهندس ۽ ان مٿان اصلي گيهه رجائي کڻي وَٽو ڀريندس، پوءِ ڏيندا مهمان کي ته هاڻي کاءُ. مهمان ويندو کائيندو ته هوڏانهن کنڊ ۽ گيهه جي پرٽ ٿيندي ويندي. بس تڏهن ڪبي، جڏهن مهمان پاڻ انڪار نه ڪري. اوڏ مهمان کي ماني کارائڻ ۽ سندس چاڪري ڪرڻ ۾ پنهنجو فخر سمجهن ٿا[4]. ڪيترين اوڏ ذاتين ۾ ڪي کاڌي پيتي جون شيون کائڻ ممنوع آهن، جيئن جيپڙوٽ ذات وارا اوڏ ٿوم نه کائن، ته ڪي وري مڇي نه کائن[4].

لباس سنواريو

مرد پَٽڪو ٻَڌن ۽ هيٺ لاءِ ڌوتي استعمال ڪن. ڌوتيءَ کي چون ”بيٺڻي“. اوڏ جي پٽڪي جو ڀير نرالو آهي، جيڪو پري کان پڌرو آهي. عورتون پَڙو ۽ گَج پائين، پڙي کي ”گهاگهرا“ ۽ گَجَ کي ”ڪانچِڙي“ چيو وڃي ٿو. ليڪن هن وقت ۾ ڌوتيءَ جو رواج ڪونهي، صرف ڪي ڪي پراڻا پوڙها ڌوتي ٻڌن ٿا. اهڙيءَ طرح عورتن ان پَڙي ۽ گَج پائڻ جو رواج نڪرندو وڃي ٿو ۽ سلوار ۽ قميص استعمال ڪن ٿيون. سلوار ۽ قميص جي استعمال جو اهو رجحان علم پڙهيل طبقي ۾ آهي، باقي ٻيا پورهيت پراڻي لباس پائڻ ۾ فخر سمجهن ٿا.[4]

زيور سنواريو

پراڻي وقت کان وٺي اوڏن ۾ هيٺين زيورن پائڻ جو رواج عام رهيو اهي. شادي ۽ خوشيءَ جي موقعن تي عورتون اهي زيور پائينديون هيون: چوڙيون، هَس، ڪٺمال، چندن هار، ٻانهيون، ٻانهوٽا، پيرن جون ڪڙيون، نسبيون، لُڪڙي، تائيٿ، پنڙا، مُنڊيون ۽ ٻارکيون وغيره[4]. شاديءَ جي وقت گهوٽ کي سينگارڻ مهل ان کي هَس، ڪيوٽيون، چندن هار، ڪَٺمال ۽ مُنڊيون وغيره پارايون وينديون آهن: مردن کي ڪنن ۾ ڪيوٽين پائڻ جو رواج آهي. ٻارن جا ننڍي هوندي ڪن ٽوپايا وڃن ٿا ۽ انهن ۾ سونيون يا چانديءَ جون واليون پارايون وينديون آهن. جيئن ته ٻار جي ڪَنَ واري نبض جو ڪنيڪشن انڊڪوس (خصين) تائين آهي، اها ٽوپي، انهن ۾ سونا والا پارائڻ سان انهيءَ ٻار کي هرنيا وغيره جي بيماري عمر ڀر نه ٿيندي[4].

ڇَٺي سنواريو

پُٽ ڄمڻ تي سندس ڇٺي ڪئي ويندي آهي، جيڪا ڌام ڌوم سان ٿئي ٿي. ان ۾ سمورن عزيزن ۽ سِڪ وارن کي سڏ ڏنو ويندو آهي. ڇٺي ڪرڻ ۾ ڪيترا هزار روپيا خرچ-چيو وڃي، حالانڪ ڏٺو وڃي ته اهو هڪ فضول خرچ آهي. ان کان علاوه ڪيترا غريب اوڏ جهالت جي ڪري وياج تي پئسا وٺي به پنهنجن پُٽن جون ڇٺيون ڪن ۽ پوءِ هميشه لاءِ قرض ۾ ٻڏل رهن ٿا. پُٽ ڄمڻ تي سندس ٽئين ڏينهن ”ڌوڪ“ ڏني ويندي آهي[4]. اوڏن وٽ هڪ خاص وڏو ڪاٺ جو ٿالهه ٿئي، جنهن کي اوڏڪي ۾ ”ڪونڏيئي“ چيو وڃي ٿو، جيڪو خاص ڪري ڌوڪ ڏيڻ جي ڪم ايندو آهي ۽ هن کي پاڪ سمجهيو ويندو آهي. اهو ڪاٺ جو ٿالهه پشت با پشت هلندو اچي[4]. ڌوڪ جو نمونو اهو آهي ته ان ڪاٺ جي ٿالهه ۾ ڳُڙ وجهي، هڪ لوٽو صاف پاڻيءَ جو ڀري ان ۾ ٿورا چانورن جا داڻا وجهندا ۽ ان سان گڏ ڪجهه ٽامي جا سڪا به وجهندس. ان بعد هڪ ڳئون جو سڪل ڇيڻو به آڻيندا، پوءِ ان مان ٿالهه مان ٿورو ڳُڙ کڻي ڇيڻي تي رکندا ته پوءِ اها ڌوڪ ٿي ويئي. ان کي ”گوسائين جي ڌوڪ“ چون. ان بعد اهو ٿالهه وارو ڳڙ سڀني کي ورهائي ڏين ۽ مبارڪباد ڏني ويندي آهي. اها گوسائين جي ڌوڪ هيمشه قبيلي جو وڏو يا ٻن چئن پنهنجن گهرن جو وڏوڏيندو آهي. ٻار جو نالو به ان ڏينهن رکيو ويندو آهي. پراڻي وقت ۾ ٻار جو نالو پنڊت کان پڇا ڪندا هئا، ليڪن هينئر اهو رواج ڪونهي[4].

شادي سنواريو

اوڏ قوم ۾ ننڍپڻ جي شادين جو رواج آهي، شايد اهو رواج صدين کان هلندو اچي رامچندر سان شادي ڪرڻ وقت سيتا جي عمر ڇهه سال هئي[5] هن قوم ۾”ڏي وٺ“ يعني ”بدي“ جي شاديءَ جو رواج آهي، ان کان علاوه ڇوڪرين کي ٽڪن تي به وڪيو ويندو آهي، ڪيترا والدين تمام ننڍي عمر ۾ پنهنجن نياڻين کي ٽڪن تي وڪڻيو ڇڏين هن قوم ۾ ”پَسِ“ جو رواج به عام آهي. اهو بدي جي شاديءَ ۾ ٿئي ٿو، ان جو مطلب اهو آهي ته جنهن طرف جي ڇوڪري ننڍي هوندي ته اهو ٻئي طرف کي (جنهن جي ڇوڪري وڏي هوندي) مقرر ٿيل مدي جا پئسا ڀري ڏيندو. هن وقت هڪ سال جا هڪ هزار روپيا ”پس“ جي رسم هلي رهي آهي[4]. اوڏ قوم ۾ ”گهر جوائي“ يا ”گهر ڄاٽي“ جو به رواج آهي. اوڏ قوم ۾ شاديون هميشه ڌارين مان ٿين ۽ پنهنجي ذات ۾ نه ڪن. کروڙ ذات وارو ڇوڪرو، کروڙ ذات واري ڇوڪريءَ سان ڪڏهن به شادي نه ڪندو، چاهي ملڪ جي ڪهڙي به ڪنڊ جو رهواسي هجي. هن قوم ۾ اهو مقرر ٿيل ناهي ته هڪ مڙس کي هڪ گهر واري هجي، جنهن کي مونوگيمي چئجي ٿو. ان ڪري گهڻو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اوڏن کي ٻه ٻه-ٽي ٽي گهَر واريون هونديون آهن، جنهن کي پوليگيمي چيو وڃي ٿو. اوڏ قوم ۾ سڀ ”رٿيل شاديون“ ٿين ٿيون، جيڪي وڏن جي مرضي مطابق ڪيون وڃن ٿيون[4]. لاڙڪاڻي ضلعي، جيڪب آباد، شڪارپور دادو ۽ سکر ضلعن جي رهواسي اوڏن ۾ هيءَ رسم به آهي ته گهوٽ ۽ ڪنوار کي شادي ٿيڻ کان اڳ ۾ يعني هفتي يا ٻن اندر قلندر لعل شهباز جي زيارت ڪرڻ لازمي آهي، ورنه ميندي نٿي لڳي سگهي. زيارت ڪرڻ کانپوءِ گهوٽ ۽ ڪنوار کي ميندي لائي وڃي ٿي[4].

وهانءَ جو طريقو سنواريو

گهوٽ ۽ ڪنوار کي موڙ ٻڌي، ٻيا ساٺ ۽ سنوڻ ڪري، هڪ ٻئي جا پلئه ٻڌي، پوءِ هڪ ٻئي جو هٿ جهلي، باهه جي چووڌاري ست ڦيرا ڏياريا وڃن ٿا ۽ ان وچ ۾ برهمڻ چونڪ مَڏي ويڏي پڙهندو آهي، اهڙيءَ طرح سان پرڻو ٿي ويو[4].

مرڻو سنواريو

اوڏ مئل ماڻهوءَ کي پوريندا آهن. ڪٿي سامي ٺاهين ته ڪٿي ائين پورين. اوڏن جو خاص مقام ڪونهي، جتي صرف اوڏ پورين، ان ڪري هر هڪ قبرستان ۾ اوڏُ پوريو ويندو آهي ۽ ان جي قبر ٺاهي ويندي آهي. ڪي ڪچيون قبرون ٺاهين ته ڪي پڪيون. هتي واضح هجي ته ڪيترن ماڻهن جو خيال آهي ته اوڏ مئل ماڻهوءَ کي پورڻ وقت حقو وغيره ڏيندا آهن، جيڪو بلڪل غلط ۽ بي بنياد آهي[4].

طلاق سنواريو

جنهن کي اوڏڪي ۾ ”ڀنج“ چيو وڃي ٿو. طلاق جهڙو موذي مرض اوڏن ۾ تمام گهڻو آهي. پنجن ٻارن واري عورت جي به ڀنج ٿيو وڃي. موجوده ڪي تازا مثال آهن ته اوڏن جون هڪ-ٻه شاديون ٿيون، جن کي هڪ مهينو به پورو نه گذريو ته ڀنج ٿي ويئي آهي. اهڙيءَ طرح والدين پنهنجن نياڻين کان هڪ مڙس ڇڏائي ٻيو مڙس ڏين ۽ جي ٻئي مان به خوش نه ٿين ته ٽيون ڏين. اها هڪ تمام خراب ۾ خراب ڳالهه آهي، ليڪن اوڏن جا مُکي (چڱا مڙس) ان ڳالهه کي ڇو نه ٿا خراب سمجهن، جڏهن ته هو پنهنجن هٿن سان پنجن-پنجن ٻارن وارين عورتن جون ڀنجون بلڪل ڪريو ڇڏين[4].

اوڏ راجپوت پنچائت سنواريو

سنڌ ۾ رهندڙ اقليتي برادرين ۾ اوڏ برادري پنج هزار سال قديم ۽ تاريخ جي ورڪن ۾ ملي ٿي, اوڏ برادري سنڌ جي قديم تهذيب جو حصو پڻ آهي, اوڏ برادري اوائيلي دور کان هن جديد دور تائين هميشه پنهنجي محنت ۽ مزدوري سان زندگي جو ڪاروهنور هلايو آهي, پورهيت طبقي سان واسطو رکندڙ اوڏ برادري جا ماڻهون مٽي جون ديوارون ۽ مٽي جا گهر ٺاهيندا هئا جنهن کي اوڏڪي ديوار يا اوڏڪو گهر چئبو آهي۔ اوڏ برادري جا پورهيت ماڻهون پنهنجو روزگار ڪري پيٽ پاليندا هئا ڪڏهن به ڪنهن وڏيري يا سرمائيدار جي اڳيان هٿ نه ٽنگيو. گذريل 4/3 ڏهاڪا اڳ روزگار جي تلاش ۾ وڏڙا اباڻا ڪک ڇڏڻ تي مجبور ٿي سفر ۽ ڪشالا ڪري روزگار لاء ويندا هئا، موجوده دور ۾ اوڏ برادري جي نوجوانن ۾ تعليم جو شعور اچي ويو آهي جيڪي ملڪ جي مختلف شهرن جا نوجوان اعلي' تعليم رکڻ سبب ملڪ جي مختلف شعبن ۾ بطور انجنيئر، ڊاڪٽر, پروفيسر، وڪيل، فورس ۽ استاد سميت اعلي منصب تي فائز آهن ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تعليم سان گڏوگڏ خدمتون پڻ سرانجام ڏئي رهيا آهن, تنهن باوجود برادري جا اڪثر ماڻهون اڄ به پورهيت واري زندگي گذاري رهيا آهن, جتي سنڌ ۾ مختلف برادرين پاران پنهنجي برادري جي ماڻهن کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ لاء سماجي تنظيمن کي فروغ ڏنو پيو وڃي, اتي برادري جي اندروني ۽ سماجي معملن کي حل ڪرڻ لاء اوڏ برادري جو مکي لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ استاد سڄڻ مل اوڏ پنهنجي برادري جي پورهيت مزدور طبقي جي ترجماني ڪرڻ لاء سندرو ٻڌي ميدان تي نڪري پيو ھو, هن ڏينهن رات برادري کي منظم ڪرڻ لاء ڪوششون ورتيون, جنهن جي ورتل ڪوششن سان دادو, لاڙڪاڻو, حيدرآباد, عمرڪوٽ, سانگهڙ, ميرپورخاص, ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ, گهوٽڪي, سکر, خيرپورميرس, نوشهروفيروز, مٽياري, نوابشاهه, ڄامشورو ۾ برادري جي ماڻهن سان گڏجاڻيون ڪري تنظيم سازي ڪئي, اهو سال 2018 هيو جڏهن سيوهڻ ۾ صوبائي سطح جي گڏجاڻي رکي وئي هئي مذڪوره ضلعن سان واسطو رکندڙ برادري جا جاکوڙي ماڻهون شريڪ ٿيا هئا, جتي "اوڏ راجپوت پنچائت" جو بنياد رکيو ويو جنهن ۾ استاد سڄڻ مل اوڏ کي پنچائت جو آرگنائيزر چونڊيو ويو بعد ۾ لاڙڪاڻي ۾ گڏجاڻي ڪري چيئرمين چونڊيو ويو, وقت گذرڻ سان گڏ ڪارنر گڏجاڻين جلسن بعد برادري جي ماڻهن ۾ سماجي شعور ۽ جاڳرتا ڦهلائڻ لاء نوجوان طبقي کي متحرڪ بڻايو ويو, صورتحال بهتري طرف وڃي رهي هئي ته 9 ڊسمبر سال 2019 تي اچانڪ ڏکوئيندڙ خبر ملي ته پنچائت چيئرمين استاد سڄڻ مل قتل ٿي ويو آهي، سندس خاندان پاران ڪورٽ ڪيس خود هلائڻ ۽ پنچائت کي صرف ۽ صرف تنظيمي ڪاروهنوار هلائڻ لاء چيو ويو۔ ڪجهه عرصو تنظيمي سرگرمي معطل ٿي وئي ۽ پنچائت تي ڏکيو وقت اچي ويو ڪجهه عرصي لاء تنظيمي سرگرميونه هجڻ ڪري ڪجهه منفي سوچ رکندڙ برادري جي مخسوس ٽولي (ا۔س۔ا۔ا) اها پروپئگينڊا پڻ هلائي ته (جيڪي پنهنجي چيئرمين لاء ڪجهه نه ڪري سگهيا ته برادري لاء ڇا ڪندا) ان مخسوس ٽولي کي اهو انتشار فهلائڻ کان اڳ اهو ضرور سمجهڻ کپي ها ته جڏهن به معاملا عدالت ۾ هوندا آهن ته ان کي عام ماڻهو ڪجهه به نٿو ڪري سگهندو آهي۔ برحال اوڏ راجپوت پنچائت تنظيم جي سرگرمي نه هجڻ ڪري مختلف نالن سان مختلف ماڻهن برادري اتحاد جوڙيا, جنهن سان برادري حصن ۾ ورهائجي طاقت بدران ڪمزور ٿي محدود بڻجي وئي ۽ هر گهر مان ڌڙابندي ٿي وئي ايتري قدر جو ڪنهن اتحاد جي اڳواڻ جو خوشي جو پروگرام هجي ٿو ته سندن ئي اتحادن جي ميمبرن ۽ اڳواڻن جي اڪثريت هجي ٿي باقي ٻين اتحادن جي ماڻهن کي دعوت نه ڏني ويندي آهي مطلب ته فرقيواريت جنم وٺي رهي آهي۔ ان کانپوء 8 فيبروري سال 2020 تي خيرپورميرس ۾ اوڏ راجپوت پنچائت جي مرڪزي گڏجاڻي ٿي, اوڏ برادري جي سماجي شخصيت سريش ڪمار بجرنگي کي امراستاد سڄڻ مل اوڏ جي جڳهه تي نئون چيئرمين منتخب ڪيو ويو, تنظيمي منشور موجب اهو عهدو هڪ سال تائين هوندو۔ جيڪو برادري لاء ڪم ڪرڻ واري کي نئين سر چونڊڻ لاء برادري جي ماڻهن پاران هر سال چونڊ ڪئي ويندي, اوڏ راجپوت پنچائت برادري جي نوجوانن کي تعليم ڏيارڻ سميت برادري جي سماجي خدمتن ۽ اندروني معاملن کي سلجهائڻ کي فوڪس ڪري رهي آهي, اوڏ برادري جي ڀلائي لاء جاکوڙيندڙ ڪردارن کي اڳتي وڌي اهو سوچڻ جي ضرورت آهي ته سڀئي گڏجي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي ڪري برادري خدمت ڪجي۔ مخسوس ٽولا ٺاھڻ سان برادري ۾ صرف نفرت ۽ فرقاپرستي وڌي رهي آهي۔ جيڪو اڳتي هلي ڪري نقصانده ثابت ٿي سگهي ٿو۔ اچو جي حقيقي قوم جو ڀلو ڪرڻ چاهيون ٿا ته سڀئي گڏجي پنهنجي وڏائي کي ڇڏي ماروئڙن لاء هڪ ٿيون۔

  1. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
  2. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  3. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  4. 4.00 4.01 4.02 4.03 4.04 4.05 4.06 4.07 4.08 4.09 4.10 4.11 4.12 4.13 4.14 4.15 4.16 4.17 4.18 4.19 4.20 4.21 4.22 4.23 4.24 4.25 4.26 جيئل راءِ اوڏ لاڙڪاڻوي جو مقالو؛ اوڏ قوم – تاريخي پس منظر ۽ رسم و رواج؛ رسالو؛ مهراڻ 1982ع ايڊيٽر؛ نفيس احمد ناشاد جلد؛ 31 نمبر 1.2- 1982ع ڇپيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  5. ”تاريخ تمدن سنڌ“ صفحو 76- رحميداد خان مولائي شيدائي