خواب يا ننڊ مان ڇرڪ ڀري اُٿڻ. ڪن ماڻهن کي اوٿاري جي بيماري ٿيندي آهي، جنهن ۾ ماڻهو پهريائين ننڊ ۾ ڳالهائيندو، ڀُٽ ڀٽ ڪندو يا ڪنهن نامعلوم خوف سبب ڇرڪ ڀري اُٿندو آهي. ان وقت سخت خوفزده هوندو آهي ۽ سڄو جسم پگهريو پيو هوندو اٿس. ڪن ماڻهن کي ننڊ ۾ ائين لڳندو آهي ڄڻ جاڳن پيا ۽ پوءِ ڪنهن ڊپ واري حالت ۾ آهن. اٿڻ چاهين ته اٿي نه سگهن، هٿ چورڻ چاهين ته چوري نه سگهن. آخر ۾ ڇرڪ ڀري اٿندا ته معلوم ٿيندن ته اهو ڪو خواب هو. اهڙي ڪيفيت کي به اوٿارو چون.[1]

هندن ۾ ڪو مرندو آهي ته ٻارهين ڏينهن هن جو اوٿارو (Othaaro) ڪندا آهن. اهو دستور پارسين ۾ به آهي. پارسي لوڪ (Paarsi community) اوٿارو بدران چون اُٿمان (Day of resurrection) هي ٻئي لفظ ”اُٿڻ“ مان ٺهيا آهن. ٻارن ٻچن، گهر ۽ ڌن دولت وغيره ۾ موهه هئڻ سبب پهريائين ٿورا ڏينهن پراڻيءَ جو واسو دنوي شين ۾ رهي ٿو؛ ۽ اوٿاري ڏينهن هو اُٿي. جم جاترا تي نڪري ٿو. اهي آهن هندن ۽ پارسين جا عقيدا. هندن وانگر پارسي به ڏهاڪي جو ڪرم ڪندا آهن، ۽ چانورن جي اٽي جو پيڙو ٺاهي ڪانون کي ڏيندا آهن. هنن ۽ ٻين اهڙين ڳالهين مان ڪيترن يوروپي عالمن کي ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿيو آهي ته هندو ۽ پارسي هڪ ٻئي جا ويجها سؤٽ آهن، ۽ ڌرم ڪرم بنهه هڪڙو ئي هئن. اهي ساڳين ديوتائن کي ساڳين هندڪن نالن سان سڏيندا هئا، سا ڳالهه هيٺين حقيقتن مان هيڪاري وڌيڪ روشن ٿيندي. [2] [3]


حوالا سنواريو

  1. اوٿارو : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. قديم سنڌ (ڀيرومل مھرچند آڏواڻي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2020-10-29 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-03-07 
  3. ڪتاب: قديم سنڌ, ليکڪ: ڀيرومل مھرچند آڏواڻي