پٿر- جو هڪ -اوزار- جيڪو سونارا سون جي صفائي ڪرڻ ۽ چمڪائڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن. -اوپڻي- عقيق (-پٿر- جو قسم جنهن مان مڻيا يا مڻڪا ٺهندا آهن) جو ڊگهو -پٿر- ٿئي ٿو. سونارڪو ڪو به ڪم تيار ڪبو ته -جنسار- ۽ اوجر (صفائي) کانپوءِ -ان- کي -اوپڻي- -پٿر- سان گسائبو ته سون ۾ چمڪ ايندي. چمڪ پيدا ڪرڻ جو اهو قديم طريقو سونارا اڄ به ڪم آڻيندا رهن ٿا. اوپڻ (-پاڻي- يا پاڻياٺ منتقل ڪرڻ) انهيءَ فعل کي چئبو آهي، جنهن موجب هڪ پاسي جو -پاڻي- ٻئي پاسي منتقل ٿي ويندو آهي، عتيق جي انهيءَ -پٿر- کي جنهن سان زيور گسائبو آهي، انهيءَ ۾ عقيق جي چمڪ منتقل ٿي ويندي آهي، انهيءَ ڪري انهيءَ -پٿر- کي ”-اوپڻي-“چئبو آهي ۽ انهيءَ -پٿر- سان پيدا ٿيل چمڪ کي ”-اوپڻي- اوجر“ چئبو آهي.[1]