اوهامي اثر
"اوهامي اثر" (Placebo Effect) هڪ دلچسپ نفسياتي اثر آهي، جنهن ۾ ماڻهو علاج کان پوءِ پنهنجي حالت ۾ سڌارو محسوس ڪن ٿا، جڏهن ته ان علاج حقيقت ۾ ڪوبه اثر نه هوندو آھي. اھو اثر ماڻهن جي ذهن ۾ پيدا ٿيندو آهي، جنھن ۾ اھي محسوس ڪندا آھن ته علاج اثرائتو آهي، جڏهن ته اهو بس هڪ جعلي علاج هوندو آھي، جهڙوڪر؛ شگر جون گوريون (sugar pills) يا ڪنهن ٻئي ڪنھن جعلي عمل، جادو ٽوڻي يا تعويذ جو نتيجو هوندو آهي.
مثال جي طور تي، مذهب ۽ خدا جي اوهامي اثر ۾، جڏهن ڪو شخص پورو وشواس رکندو آهي ته خدا کيس واھر، مدد يا شفا ڏيندو، ته ان جي ايمان ۽ اميدن جي ڪري هو پنهنجي جسماني ۽ ذهني حالت ۾ سڌارو محسوس ڪندو آھي. اهڙي صورتحال ۾، انسان جو علاج ڪنهن معجزاتي عمل جي ڪري ناهي ٿيندو، بلڪي اهو سندس عقيدن ۽ يقينيت جو نتيجو هوندو آهي.
نفسياتي طريقا
سنواريو1. دٻاءُ ۾ گهٽتائي: جڏهن ماڻهو خدا تي يقين رکندا آهن، ته ان مان کين ذهني آنند ۽ شانتي ۽ دٻاءُ ۾ گهٽتائي محسوس ٿيندي آھي. هي اثر جسماني صحت تي به ھاڪاري اثرانداز سان ٿي سگهي ٿو.
2. ھاڪاري يا مثبت اميدون: جڏهن ماڻهو ڪنهن علاج، دعا، يا مذهب تي پورو يقين رکندا آهن، ته انهن جي اميدن ۽ يقينن جي ڪري انهن کي سڌارو محسوس ٿيندو آهي، جنهن کي اوهامي اثر چيو ويندو آهي.
3. سماجي سپورٽ: مذهبي عملن ۾ شريڪ ٿيڻ سان ماڻهو پاڻ هڪ ڀائيچاري يا ڪميونٽي جو ڀاڱو محسوس ڪندا آھن، جيڪو سندن ذهني حالت ۽ احساسن تي ھاڪاري اثر وجهندو آھي.
تاريخي حوالي سان
سنواريوآڳاٽي دور ۾، جڏهن ماڻهو بيمارين ۽ ڏکن کي خدائن جي سزا سمجهندا هئا، تڏهن مذهب ۽ مذهبي رسمون شفا جي ذريعي سمجهيون وينديون هيون. جڏهن ڪنهن مذهب جي پادري يا علاج ڪندڙ مذهبي ڪنھن عمل کي سر انجام ڏيندا هئا، ته ماڻهو ان مان راحت محسوس ڪندا هئا، جيڪو اصل ۾ سندن ايمان ۽ عقيدي جو ئي اثر هوندو هو، نه ڪنهن خارجي طاقت جو. [1]
حوالو ڏسندا
سنواريو- ↑ "The power of the placebo effect". Harvard Health. حاصل ڪيل 2024-12-26.