اونداهي ڌرتي روشن هٿ
هن ناول ۾ آغا سليم (Agha Saleem) تاريخي ڪردارن ۽ واقعن کي هڪ نئين روپ ۾ پيش ڪيو آهي. هن ناول ۾ آغا جي فني طرز ۽ شعور جو وهڪرو خاص طور تي ورجينيا وولف ۽ قرت العين حيدر جي ناول آگ ڪا دريا تان متاثر ٿيل لڳي ٿو، پر هن ۾ ٽيڪنيڪ جو استعمال آغا جي پنهنجي ڪاوشن ۽ اصلي محسوس ٿئي ٿي. هن ناول ۾ انساني تهذيب ۽ تاريخ جي شعور, جذبن ۽ احساسن جي ترجماني، مشاهدي جي قوت، تجربي ۽ تخيل جي مضبوطي، ڪردارنگاري ۾ جوڀن ۽ اسلوب جي روشني آغا جي هن لکڻي کي ڪمال بخشيو آهي. [1] [2]
حوالا
سنواريو- ↑ آغا سليم پاران ڪيل شاهه جي رسالي جي ترجمن جو اڀياس (ارم فاروق جمالي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-09-11
- ↑ ڪتاب: آغا سليم پاران ڪيل شاهه جي رسالي جي ترجمن جو اڀياس