سرن جي اوساري(انگريزي: Brickwork) ھڪ رازڪو ڪم آھي جنھن سان سرن کي گاري يا مسالي سان جوڙي بار ٺاھبا آھن.جنھن کي انگريزي م ڪورس سڏين ٿا.ھڪٻئي مٿان سرن جا بار ٺاھي ڀت تيار ڪئي ويندي آهي[1][2]. اوساري سرن سان يا بلاڪن سان ڪئي ويندي آهي ٻنھي جي بناوت م فرق ھوندو آھي.برطانيا م سر جي ماپ 337.5 × 225 × 112.5 mm (13.3 × 8.9 × 4.4 in) کان گھٽ ھوندي آھي ۽ بلاڪ جي ماپ ان کان وڏي ھوندي آھي[3]. پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ ڪانسي جي دؤر کان وٺي ھاڻي تائين اوساري ۾ سڀ کان گھڻو استعمال سر سان ٿيندو رھيو آهي.اڄ کان 2600 ق م ۾ سنڌ جي موئن جي دڙي واري ۽ بلوچستان جي مھرڳڙھ واري تھذيب ۾ اوساري ۾ پڪي سر جو استعمال عام ھيو.

ڀت ۾ اوساري لاء سرن کي توازن سان رکڻ جو طريقو

سر ۽ اوساري متعلق فني اصطلاح سنواريو

 
سر جا پاسا

سنڌ ۾ ھڪ معياري سر 9 انچ ڊگھي ۽ 4 انچ ويڪري ۽ 2 انچ ٿلھي ھوندي آھي ھوندي آھي[4]. ان جي ٻنھي 9 انچي ڊگھن پاسن کي سنڌي ۾ ٻانھين ۽ انگريزي ۾ اسٽريچر سڏين ٿا ۽ ويڪر وارن پاسن کي سنڌي ۾ سيرو ۽ انگريزي ۾ ھيڊر سڏيو ويندو آهي[4].[5]

 
مسالي جا اصطلاح جن ۾ پرپينڊ (اڀي جھري) ۽ بيڊ (ترو) ڏيکاريل

ڀت جي اوساري ۾ سرن جي سڌن بارن سان جيڪا ظاھري عمودي ڪنڊ ٺھي ٿي ان کي سنڌي ۾ ڪڇ ۽ انگريزي ۾ ڪوئن (Quoin) چون ٿا. ڪوئن اصل ۾ فرانسيسي ٻولي جي لفظ ڪوائن مان نڪتل آهي جنھن جي معني ڪنڊ آھي[4]. سر مٿان وچ ۾ ٺاھيل اھا کڏ جنھن ۾ اڪثر طور سرن ٺاھيندڙ ڪمپنيءَ جو مختصر نالو پڻ ڄاڻايل ھوندو آھي انھيءَ کي سنڌي ۾ دٻي ۽ انگريزي ۾ فراگ يا انڊينٽ سڏيو ويندو آھي، ھيءَ کڏ گاري يا مسالي ڀرڻ سان ٻن سرن درميان پڪڙ يا گرفت مھيا ڪرڻ ۽ سر جو وزن گھٽائڻ جو پڻ ڪم ڏيئي ٿي[4].

 
ھڪ پڪي سر
 
ھڪ دٻي واري سر
 
ٻٽي دٻي واري سر
 
خانن واري سر
 
سوراخن واري سر

ڊيگھ يا ويڪر جي رخ ۾ ڀڳل سرن جي ٽڪرن کي ٽوٽا سڏيو ويندو آهي جيڪي اڌ، چوٿ وغيره ھوندا آھن. اوساريءَ جي ٻنڌ يا بانڊ جي ترتيب کي پوري ڪرڻ ۽ انھيءَ کي برقرار رکڻ واسطي استعمال ٿيندڙ سرن جي اڌڙن کي فالس ھيڊر ڪوٺجي ٿو[4]. ديوار جي سامھين ۽ پٺئين پاسي جي وچ واري حصي کي انگريزي ۾ ھرٽنگ (Hearting) سڏجي ٿو. ديوارن ۾ دروازن، درين ۽ روشندانن لڳائڻ واسطي ٺاھيل جارن جي اڀن پاسن کي ٻانھيون Jambs چئجي ٿو[4]. دروازن يا دري وغيره جي چؤڪاٺي يا فريم ۽ جاري جي وچ ۾ بچيل جڳھ کي رويل (Reveal) چئجي ٿو. ديوار جي لڪل ۽ نظر نہ ايندڙ پٺين سطح کي پٺ يا بئڪ ڪوٺجي ٿو. ديوار جي ٻاھرين ظاھر ۽ سامھون نظر ايندڙ سطح کي مھڙ سڏجي ٿو[4].

 
سر رکڻ جا ڇھ طريقا

اوساري م سر رکڻ جا ڇھ طريقا ھوندا آھن:

اسٽريچريا ٻانھين وارو طريقو: ھن طريقي سان سر کي سڌو اھڙي طرح رکيو ويندو آهي جو بار ۾ سر جي ٻانھين وارو پاسو سامھون ديوار ۾ نظر اچي[6]

ھيڊريا سيرو وارو طريقو
ھن طريقي م سر کي سڌو اھڙي طرح رکبو آهي جنھن م سر جو مٿو يا سيرو بار مان ڀت م نظر اچي[6]
سالڊيئر يا وڌيڪ پڪو
ھن طريقي م سر کي اڀو اھڙي طرح رکيو ويندو آھي جو اوساري ۾ سن جو پيٽ پيٽ يا بيڊ بيڊ سان ملي ۽ ان جي ٻانھين وارو پاسو ديوار مان سامھون نظر اچي[7]

سيلر يا خلاصي: ھن طريقي م اوساري م سر کي اڀو رکيو ويندو آھي اھڙي طرح جو ان جو پيٽ يا بيڊ سامھون ڀت ۾ نظر اچي; [8]
رو لاڪ يا قطار بند طريقو: ھن طريقي ۾ سر کي پاسيرو اھڙي طرح رکيو ويندو آهي جو ان جو سيرو اڀو سامھون نظر اچي;[9]

شائنريا قطار بند ٻانھين
سر کي پاسيرو ٻانھين ڀر اھڙي طرح رکڻ جو ان جو اوساري م سيرو سيرو سان ملي ۽ ان جو بيڊ يا پيٽ سامھون ديوار مان نظر اچي[10]
 
ريٽ ٽريپ ٻنڌ: قطار بند ٻانھين
ريٽ ٽريپ ٻنڌ: قطار بند ٻانھين 

اوساري جي ٻنڌ جا قسم سنواريو

اوساريءَ جي ڪابہ ترتيب جنھن ۾ سرن کي مسالي رستي پاڻ ۾ اھڙيءَ ريت جڪڙيو وڃي جيئن ديوار جي ظاھر توڙي باطن وارن حصن ۾ لڳايل سرن جي ھڪ ٻئي مٿان بارن ۾ لڳاتار عمودي جوڙ نہ ھجن ته انھيءَ کي ٻنڌ (Bond) يا ٻنڌڻ(Bonding) ڪوٺيو وڃي ٿو[4].

فليمش ٻنڌ
راھب وارو ٻنڌ
سسيڪس ٻنڌ

عملي لحاظ کان ٻنڌن جي ترتيب جا اٽڪل اٺ قسم آھن جن ۾ اسٽريچر بانڊ، ھيڊر بانڊ، انگلش بانڊ، فليمش بانڊ، رئڪنگ بانڊ، ڊاياگونل بانڊ، ھيرنگ بون بانڊ، گارڊن وال بانڊ، ڊچ بانڊ، انگلش ڪراس بانڊ شامل آهن[4].

ٻانھين واري بانڊ سنواريو

 
ٻانھين واري ٻنڌ

اسٽريچر بانڊ يا ٻانھين ٻنڌ واري ترتيب ۾ اوساريءَ جا سڀيئي بار سلسليوار ۽ سرن جي ڊگھائيءَ جي رخ جي صورت م ۽ اھڙي نموني لڳايا ويندا آھن جيئن ھر بار جا عمودي جوڙ انھيءَ جي ھيٺئين ۽ مٿئين بار جي عمودي جوڙن سان نہ ملن، جيئن ۾ ڏيکاريل آھي. ھن قسم جي ترتيب پردي يا پارٽيشن واري ديوارن ۽ پَورِين ديوارين (Cavity walls) لاءِ موزون رھي ٿي[4].

سيرو واري ٻنڌ سنواريو

 
سيرو وارو ٻنڌ

ھيڊر بانڊ يا سيرو ٻنڌ واري ترتيب ۾ ديوار جي ڊيگھ جي رخ ۾ سڀيئي سيرون (Headers) صورت ۾ لڳايون وينديون آھن. کوھن، گولائيءَ وارن مٿاڇرن، ڪانسن (Cornices) مورچن ۽ تمام ٿلھين ديوارن لاءِ ھيءَ ترتيب موزون رھي ٿي[4].

انگريزي ٻنڌ سنواريو

 
انگريزي ٻنڌ


انگلش بانڊ يا انگريزي ٻنڌ جي ترتيب ۾ ھڪ ڇڏي ٻئي جي حساب سان ٻانھين يا اسٽريچر ۽ سيرو يا ھيڊرز کي ھڪ ٻئي سان ۽ ھڪ ئي لائين يعني رخ ۾ اھڙي نموني لڳايو ويندو آھي جيئن ھر ٻيو سيرو يا ھيڊر، ٻانھين يا اسٽريچر جي وچ جي آڌار تي رھي، ھن قسم جي ترتيب ۾ ديوارن کي پاڻ ۾ گوني ڪنڊ تي جڪڙڻ واسطي استعمال ڪيو ويندو آھي. جنھن ۾ ديوارن جي ھڪ ٻئي وچان گذر يا انٽرسيڪشن واري ڪنڊ کان ساڍا چار انچ پري مکيه ديوار جي ھر ٻئي ردي يا ھڪ ڇڏي ٻي سرن جي بار ۾ Closer داخل ڪرڻ سان ۽ 2 1²/4 اوچي ۽ ترڇي ديوار (Cross wall) جي ٿولھ جيئن ترشي ديوار مکيه ديوار ۾ چڱيءَ طرح ڦٻي وڃي. ¾ سر استعمال ڪرڻ سان سرن جي ٽڪڻ جي محنت ۽ زيان جو بچاءُ ٿئي ٿو[4].انگلش بانڊ جي ترتيب سان ٺھندڙ مختلف ٿولھ جي سرن جي ٿنڀن ٺاھڻ جو طريقو ٿيو وڃي[4].

فليمش ٻنڌ سنواريو

 
فليمش ٻنڌ واري اوساري

فليمش نيدرلينڊز ۽ بيلجيئم واري علائقي يا ڊچ ٻولي جي ان علائقي واري لھجي کي سڏين ٿا. فليمش بانڊ يا فليمش ٻنڌ ۾ ساڳئي ئي ھڪ بار ۾ ھڪ ڇڏي ٻئي جي حساب سان سلسليوار پھرين اسٽريچر ۽ انھيءَ سان لڳ سيرو يا ھيڊر رکيا ويندا آھن. ھر ٻئي بار ۾، انگلش بانڊ ريت، انھيءَ جي ڇيڙي تي ڪئين ھيڊر لڳائڻ کان پھرين ڪئين ڪلوزر يا سر جي بيڊ يا پيٽ جو اڀو اڌ لڳايو ويندو آھي جيئن صحيح نموني جو چڙھاڪو (lap) ٺھي بيھي[4].

ھڪ سر جي موٽائي وارو ٻٽو فليمش ٻنڍ: سرن جي (اڪي ۽ ٻڌي) بارن جا مٿيان حصا ۽ انھن جي پاسن جو سامھون وارو ڏيک

 
رنگين ڪوڊ وارا پلان جن اوڀر اولھ واري ديوار جون سرون ڏيکارجندي. ساڄي پاسي کان اوڀر اولھ جي ديوار جو سامھون وارو ڏيک

ھيرنگ بون بانڊ سنواريو

ھيرنگ بون بونڊ (Herring Bone Bond) کي سرن جي فرشن جي نقشڪاريءَ ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. ھن ۾ ٻنھي طرفن کان ۽ وچ کان 450 تي سرون لڳايون وينديون آھن[4].

گارڊن وال ٻنڌ سنواريو

ھن قسم جي ٻنڌ احاطن، اڱڻن ۽ باغن جي چؤڌاري لڳايل ديوارن، وچ منجھان پؤرين ديوارن (Cavity Walls) جي مھڙ ۽ ٻين اھڙن مقصد وارين ديوارن واسطي استعمال ڪئي ويندي آھي. ھن قسم جي ٻنڌ ۾ ٺاھيل ديوارن جو اڳ ۽ پٺ انگلش بانڊ يا فليمش بانڊ جي نمونن مان ڪنھن بھ ھڪ نموني ۾ ٺاھيو ويندو آھي[4]. گرميءَ ۽ سرديءَ جي اثر ۽ برسات وغيرھ دوران پاڻيءَ جي سيڪ جي اثر جو مقابلو ڪرڻ واسطي پڪل سرن جون پؤري ديوار يا ڪيوٽي وال نھايت ئي فائديمند رھي ٿي[4]. ھن قسم جي ديوارن ٺاھڻ واسطي اڪثر طور تي گھٽ ۾ گھٽ ساڍا چار انچ ٿلھي ديوارن وچ ۾ ٻہ يا اڍائي انچن جي خالي وٿي رکي ويندي آهي[4].

پٿرن جي اوساري سنواريو

پٿر جي اوساري جا ٽي نمونا يا طريقا آھن؛ ھڪ ڇيڻيءَ سان گھڙيل پٿر جي اوساري، ٻي ھٿوڙن سان گھڙيل پٿرن جي اوساري ۽ ٽين اڻ گھڙيل پٿرن جي اوساري[4].

حوالا سنواريو

  1. Joseph Moxon. Mechanick Exercises: Or, The Doctrine of Handy-Works. Applied to the Arts of Smithing, Joinery, Carpentry, Turning, Bricklaying. Printed for Daniel Midwinter and Thomas Leigh. 1703. London. Page 129. "Three or four or five courses of Bricks to be laid."
  2. Nicholson. "By a Course, in walling, is meant the bricks contained between two planes parallel to the horizon, and terminated by the faces of the wall. The thickness is that of one brick with mortar. The mass formed by bricks laid in concentric order, for arches or vaults, is also denominated a Course."
  3. Fleming, Eric (2006). Construction Technology. UK: Blackwell Publishing Ltd. pp. 2. ISBN 1-4051-0210-1. 
  4. 4.00 4.01 4.02 4.03 4.04 4.05 4.06 4.07 4.08 4.09 4.10 4.11 4.12 4.13 4.14 4.15 4.16 4.17 4.18 [ ڪتاب: عمارت سازي ؛ ليکڪ: ضياءدين انصاري؛ ايڊيشن:1990؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو]
  5. Fleming, Eric (2006). Construction Technology. UK: Blackwell Publishing Ltd. ISBN 1-4051-0210-1. 
  6. 6.0 6.1 John Houghton. A Collection for Improvement of Husbandry and Trade. 1693. Issue 74. Published by Randal Taylor near Stationers-Hall. London. "A Brick-wall of a Foot and half thick is commonly made by Stretchers and Headers, that is, by laying on the out-side one Brick, so as to have the narrowest side of it to be seen longways, and the next to have only the end seen, and the Brick lying on the broad side, and so on, a Stretcher and a Header."
  7. Whitney Clark Huntington. Building Construction. Types of Construction, Materials, and Cost Estimating. New York: Wiley. London: Chapman & Hall. 1929. Page 130. "Belt courses and flat arches may be formed of brick[s] set on end with the narrow side exposed. Such bricks are called soldiers."
  8. Sovinski, p. 43. "Those brick positions oriented in a horizontal alignment are called stretcher, header, rowlock stretcher, and rowlock. A rowlock stretcher is sometimes called a shiner. The two corresponding vertical orientations are the soldier and sailor positions."
  9. Samuel Y. Harris. Building Pathology. Wiley. New York. 2001. Page 212. "The short face, or the end laid horizontally, is a header; laid vertically, a rowlock."
  10. Sovinski, p. 43. "Those brick positions oriented in a horizontal alignment are called stretcher, header, rowlock stretcher, and rowlock. A rowlock stretcher is sometimes called a shiner."