مک مينيو کوليو
Future ozone layer concentrations.gif

اوزون (انگريزي: Ozone) گئس، آڪسيجن جي ٽن ائٽمن جي ملڻ سان ٺهي ٿي. اوزون جو تھ، اوزن گئس جو ٺهيل هوندو آهي. اوزون جو وڌ ۾ وڌ مقدار ڌرتيءَ جي مٿاڇري کان 15 کان 60 ڪلو ميٽر مٿي، ڌرتيءَ جي چؤگرد ڇَٽَ جي صورت ۾ موجود آهي، جنهن کي ”اوزونو اسفيئر“ (Ozonosphere) سڏيو ويندو آهي.[1]

دريافتسنواريو

اوزون جو تھ سڀ کان پهرين هڪ فرانسيسي، علمِ طبعي جي ماهر ”چارلس فئبري“ 1913ع ۾ لڌو. هوا جي هڪ ملين حصي ۾، اوزون هڪ حصي جي حساب سان موجود ٿئي ٿي، ايتري تڇ مقدار ۾ موجود هوندي به سج جي ساڙيندڙ الٽرا وايو ليٽ ڪرڻن کي اثرائتي نموني جذب ڪري، زمين تي پهچڻ نٿي ڏئي. قدرتي طور جڏهن سج جا الٽرا وايوليٽ ڪرڻا وايومنڊل ۾ موجود آڪسيجن سان لڳن ٿا، تڏهن ”اوزون“ پيدا ٿئي ٿي. سج جي روشنيءَ ۽ وايومنڊل ۾ قدرتي طور موجود نائٽرس آڪسائيڊ جي مختصر مقدار کان سواءِ ڪن ڪيميائي مادن جي موجود هجڻ سبب گهڻو وقت جٽادار رهي نٿي سگهي، ائين قدرتي وايومنڊل ۾ ”اوزون“ جي ٺهڻ ۽ ڊهڻ جو عمل ۽ نفيس توازن برقرار رهي ٿو. اوزون جو ڇَٽ سج جا 99 سيڪڙو ڪرڻا جذب ڪري ڇڏي ٿو، جيڪي هونئن انسانن، جانورن ۽ ٻوٽن لاءِ موتمار ثابت ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته منجهانئس سج جا انفراريڊ ترورا ٽپي، زمين کي گرمائش پهچائين ٿا.[1]

تھ کي ٿيندڙ نقصان ۽ ان جا اثرسنواريو

ايئر ڪنڊيشنرن ۽ ريفريجريٽرن کان سواءِ اسپري دٻن، جهڙوڪ: وارن جي اسپري، خوشبوءِ پکيڙيندڙ ۽ ايئرفريشنرن ۾ استعمال ٿيندڙ فيران گئس، اوزون جي تھ کي ڳاري ڇڏي ٿي. ڏھ سال اڳ جي هڪ اندازي موجب هن گئس جا لڳ ڀڳ 17000,000,00 پائونڊ هر سال وايومنڊل ۾ خارج ٿين ٿا. ’اوزون‘ جي تھ ۾ وڌ ۾ وڌ اوزون، قطبن وٽ ۽ گهٽ ۾ گهٽ خط استوا وٽ موجود آهي.

اوزون جي تھ ۾ جيتري وڌيڪ ڇڊاڻ ٿيندي، اوترا سج جا الٽرا وايوليٽ ڪرڻا وڌيڪ مقدار ۾ ڌرتيءَ تي پهچندا ۽ اوتريون بيماريون جهڙوڪ، چمڙيءَ جي ڪئنسر ۽ اک جي موتئي پاڻيءَ جون بيماريون وڌنديون ۽ جانورن سميت ٻوٽا متاثر ٿيندا. هڪ اندازي موجب اوزون جي تھ ۾ صرف 5 سيڪڙو ڇڊاڻ سبب سڄيءَ دنيا ۾ هر سال رڳو چمڙيءَ جي ڪينسر ۾ 50 لکن کان وڌيڪ ماڻهو مبتلا ٿي سگهن ٿا.[1]

حوالاسنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 اوزون تھ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين)، جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع