اورڪزئي پاڪستان جي صوبي خیبر پختونخوا جو ھڪ  ضلعو آھي. اورڪزئي ضلعي جي اوڀر ۾ ڪوھاٽ ضلعو ۽ دره آدم خيل، ڏکڻ ۾ ضلعو ھنگو، اولھ ۾ ڪرم ضلعو ۽ اتر ۾ خيبر ضلعو واقع آھن۔ اورڪزئي ضلعي ۾ ٻه تعلقا آھن؛ اپر اورڪزئي تعلقو ۽ لوئر اورڪزئي تعلقو. اپر اورڪزئي ۾ اپر اورڪزئي تعلقو ۽ اسماعيل زئي تعلقو جڏھن ته لوئر اورڪزئي ۾ لوئر اورڪزئي ۽ سينٽرل اورڪزئي تعلقا شامل آھن.

اورڪزئي ضلعو
اورکزي
ضلعو
فاٽا جو ضلعي نقشو نارنگي رنگ سان ڏيکاريل جنھن جي وچ ۾ اورڪزئي ايجنسي ڏيکاريل آھي جيڪا اورڪزئي ضلعو پڻ سڏبي آھي.
فاٽا جو ضلعي نقشو نارنگي رنگ سان ڏيکاريل جنھن جي وچ ۾ اورڪزئي ايجنسي ڏيکاريل آھي جيڪا اورڪزئي ضلعو پڻ سڏبي آھي.
ملڪ پاڪستان
صوبو خيبرپختونخواهه
قيام ايجنسيء جو قيام 30 نومبر 1973 ۾ بطور فاٽا جي ضلعي جي حيثيت ۾ ٿيو.
صدرمقام گھلجو بازار (اپر اورڪزئي)
ڪلايا (لوئر اورڪزئي)
تحصيلن جو تعداد
پکيڙ[1]:1
 • ڪل 1,538 ڪ.م2 (594 ميل2)
آبادي (2017)[2]
 • ڪل 254,356

اورڪزئي ضلعي ۾ اورڪزئي قبيلي جون وڏيون قومون علي خيل، مامونزئي، ربيعہ خيل، آخيل، مشتي، شيخان، مامازئي، فيروز خيل، اتمان خيل، ستوري خيل ۽ سپائي وغيره آباد آھ۔

اورڪزئي قبيلا ڪل ملائي ڪري ارڙھن قومن تي مشتمل آھي. مٿي ذڪر ڪيل قومن کان علاوه ھن قبيلي ۾ ، انڊ خيل ۽ علي شير زئي وغيره شامل آ۔

ماڻھن جي مادري ٻولي سو سيڪڙو پشتو آھي۔ يعني تمام رھاڪو پشتو ٻولي ڳالھائيندا آھن. نوجوان نسل تعليم جي طرف وڌي رھيو آھي، ان ڪري ملڪ جي مختلف حصن  تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مصروف آھي۔

اورڪزئي ضلعي جو گھڻو علائقو پھاڙي آھي، جتي گھاٽا جھنگ آھن، جبلن ۾ اڪثر جڳھن تي ڪوئلي جا ذخيرا ملن ٿا۔ ان کان علاوه ٻيون معدني شيون به موجود ۔

اورڪزئي ضلعي ۾ ميداني علائقا به آھن جتي ماڻھو ٻني ٻارو ڪن ٿا ۽ ھي پيشو ماڻھن جي ڪمائي جو ھڪ اھم ذريعو آھي۔ ان کان علاوه ماڻھن جي ھڪ وڏي تعداد ٻاھرين ملڪن ۾ ملک آھي، ڇو ته ھتي روزگار جا موقعا تمام گھٽ آھن ان ڪري  ھي ماڻھو ٻاھرين ملڪن کان پيسا موڪليندا آھن ۽ پنھنجو گذارن ٿا۔

اھم جڳھن ۽ بازارن ۾ غلجو بازار جيڪا اپر سب ڊويزن جو صدر مقام آھي ۽ اپر اورڪزئي جا تمام ھيڊڪوارٽر، نادرا آفس ۽ اسپتال وغيره ھن ۾ ئي واقع آھن. سمانہ جيڪو ھڪ تفريحي ماڳ آھي ۽ انگريزن جي دور جو قلعو به  ھتي آھي ۽ ماڻھو سير ۽ تفريح جي لاءِ ٻين ضلعن کان ھيڏانھن جو رخ ڪندا آھن. ڊبوري، جبلن جي وچ ۾ ھڪ حسين ۽ دلفريب مقام ۽ بازار، مشتي ميلو، جنت نظير مقام ۽ جبلن جي  وچ ۾  ھڪ پرڪشش بازار، ڪلايہ ۽ جلڪہ ميلو جاڙيون بازاريون جن جي وچ ۾ توئي ندي وھندي علائقي جو حسن وڌائي ٿي. لوئر سب ڊویزن جو ھيڊ ڪوارٽر ۽ نادرا آفس وغيره ھتي واقع آھن. ان کان علاوه خاديزئي، سانگهڙا ۽ انجاني قابل ذڪر آھن.

تمام تر علائقن جي موسم ٿڌي رھندي آھي ۽ جنوري ۽ فيبروري  جي مھينن ۾ برفباري ٿيندي آھي جڏھن ته گرمي جو موسم خوشگوار رھندو آھي۔

ضلعي جو ھڪ سيڪشن بلند خيل ضلعي کان  ڪيترائي ڪلوميٽر پري ضلعي ھنگو جي ھن پار ٽل شھر جي ڏکڻ ۾ واقع آھي. ھن سيڪشن ۾ آباد بلند خيل ھڪ بنگش قبيلو آھي۔

  1. 1.0 1.1 1998 Census report of Orakzai Agency. Census publication. 143. Islamabad: Population Census Organization, Statistics Division, Government of Pakistan. 2000. 
  2. "DISTRICT AND TEHSIL LEVEL POPULATION SUMMARY WITH REGION BREAKUP [PDF]" (PDF). www.pbscensus.gov.pk. حاصل ڪيل 2018-03-25.