اورنگي کان منگهو پير تائين قديم ماڳ

اورنگي (اورانگهي) واري علائقي کان منگهو پير (Manghopir) تائين وارو علائقو قديم ماڳ آهي. جنهن لاءِ مجمدار جو چوڻ آهي ته هي ماڳ هڙپا تهذيب سان تعلق رکندڙ آهي. ڊاڪٽر ايف. اي خان اورنگي (Orangi) ۾ هڪ هنڌ کجين جي جهڳٽي جي ڀر ۾ هڪ کاهي ڳولي لڌي هئي. هن جو چوڻ آهي ته هتي گاهه ڄمي چڪو هو پر هتي اڃا به (جنهن وقت ڊاڪٽر صاحب هتي ويو هو) پٿر جا اوزار نظر اچن ٿا. انهن اوزارن سان هتان جا ماڻهو گوشت، گاهه لڻڻ ۽ ڀاڄين کي ڪپڻ لاءِ استعمال ڪندا هئا. اها 1880ع کان اڳ جي ڳالهه آهي. هن سڄي قديم ماڳ تي بنگلاديش کان آيل بهارين قبضو ڪري ڇڏيو آهي ۽ سڄو ماڳ تباهه ڪيو ويو هو. اڃا به ڪجهه اهڙا پاسا آهن جتي جيڪڏهن کوٽائي ڪئي وڃي ته شايد ڪجهه حاصل ٿئي. منگهو پير اهڙو هنڌ آهي، جيڪو اڃا قبضا گروپ کان بچيل آهي. جتي تحقيق ڪري سگهجي ٿي. منگهي پير جي مقبري لڳ پٿر جا اوزار ۽ ٺڪر جا ٿانوَ پکيڙيل آهن. پراڻن آثارن قديم ماهرن موجب هي تاريخ کان اڳ جو ماڳ آهي. مجمدار به انهن تي تحقيق ڪئي آهي. [1] [2]

  1. Sindhi Adabi Board Online Library (History)
  2. ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي، باب: تاريخ جي وساريل ورقن کان ڪراچي تائين جو سفر