اورنگزيب مسجد، روهڙي

اورنگزيب مسجد، جنھن کي مقامي طور مير يعقوب واري مسجد بہ چيو وڃي ٿو، روهڙي شھر جي ڏکڻ ۾ هڪ ٽڪريءَ تي واقع آهي. انهيءَ ٻٽي نالي جو سبب هي آهي تہ هيءَ مسجد اورنگزيب عالمگير جي حڪم تي سندس نواب مير يعقوب علي شاھ تعمير ڪرايو هو. بکر جي قلعي جي فتح جي ياد ۾ اورنگزيب عالمگير هڪ وڏي مسجد ٺاهڻ جو حڪم ڏنو، جنھن تي بکر جي نواب مير يعقوب علي شاھ رضوي فوري طور تي عمل ڪرڻ شروع ڪيو. مسجد جي تعمير سال 677 هجري ۾ مڪمل ٿي. يعني ٺٽي ۾ شاهجھاني مسجد جي تعمير کان چوويھ سال پوءِ. ايتري عرصي کان پوءِ بہ اڄ بہ مسجد جا آثار پنھنجي قد، ایراضی ۽ کوٽائي جھڙين ديوارن سبب ڌيان جو مرڪز بڻيل آهن.[1]