عورت مارچ

پاڪستان ۾ نارين جي حقن جي تحريڪ
(اورت مارچ کان چوريل)

ناري مارچ، اورت مارچ، عورت مارچ، پاڪستان ۾ لاھور، حيدرآباد، ڪراچي ۽ اسلام آباد سميت مُلڪ جي ٻين مختلف شھرن ۾ 8 مارچ 2018 تي نارين جو عالمي ڏينھن ملھائڻ لاءِ ۽ انکانپوءِ ايندڙ سالن ۾ ٿيندڙ مُظاھرن جي مقصد تحت رٿيل ھڪ تحريڪ جو نالو آھي.[1][2][3][4][5][6][7][8][9][10][11] ان جو انتظام لاھور ۽ ڪراچي ۾ زائفائن جي گڏيل اسان ناريون (وُئي دي وويمن)، ۽ مُلڪ جي ٻين ڀاڱن ۾، گڏوگڏ اسلام آباد، حيدرآباد، سکر،[12] ڪوئيٽا، مردان ۽ فيصل آباد سميت ناري جمھوري محاذ (يو ڊي ايف)، ويمن ايڪشن فورم (ڊبليو اي ايف)، ۽ ٻين ڪيترن ئي سڀا وسيلي ڪيو ويو ھيو. ھن مارچ کي ليڊي ھيلٿ ورڪرز ايسوسيئيشن پُٺڀرائي ڪئي، ۽ ان ۾ نارين جي حَقَن جون مختلف تنظيمن جا نمائندا پڻ شامل ھيا. مارچ ۾ نارين کي مارڪٽ (تشدد) ڪرڻ تي وڌ کان وڌ احتساب جي گُھرَ ڪئي وئي، ۽ سيڪيورٽي فورسز جي ھٿان، گھرن ۾، ۽ ڪم ڪرڻ جي جڳھ تي تشدد، ۽ جنسي ھيسائڻ خلاف نارين جي حمايت ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. سماچار ۽ پڌرنامن موجب وڌ کان وڌ زائفائون مارچ ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ پھچي ويون ھيون، ايتري قدر تہ ميڙُ گڏ ٿي ويو ۽ پري پري تائين نارين جو ميڙ پکڙيل ھيو. نارين (مردن سميت) پوسٽرن تي لکيل جُملا پڻ لڳايا ھيا جھڙوڪ ”گھر جو ڪم، سڀني جو ڪم“، ۽ ”ناري انسان آھي، غيرت ناھي“ ۽ ھو وڏي واڪي (زور سان) نعرا ھڻنديون رھيون.

فائل:Aurat March 2019.jpg
Aurat March 2019

ٽي شرٽس پاتل ناريون جن جي ٽي شرٽس تي لکيل هيو تہ ’منهنجي پسند جي مُند (موسم) سرءُ (پدراڻو اقتدار جو) آهي‘ ۽ ’ڇوڪريون رُڳو بنيادي انساني حقَ گُهرن ٿيون‘. انهن منجهان ڪُجهه نارين فوت ٿيل سوشل ميڊيا جي مشهور سيليبرٽي شخيت قنديل بلوچ ۽ هڪ گروپ پنهنجي ڪُلهن تي ‘پدرشاهي جو جنازو’ ڪڍيو هيو. شريڪ ٿيندڙ ۾ زندگي جي هر شعبي سان لاڳاپو رکندڙ ماڻهو شامل هيا ۽ انهن ۾ ڪيترائي ناميارا ماڻهو پڻ شامل هيا.

حوالا سنواريو

  1. Gozdecka, Dorota; Macduff, Anne (2019-01-08) (en ۾). Feminism, Postfeminism and Legal Theory: Beyond the Gendered Subject?. Routledge. ISBN 9781351040402. https://books.google.com/books?id=Do2ADwAAQBAJ&lpg=PP1&pg=PP1#v=onepage&q&f=false. 
  2. Kirmani, Nida; Khan, Ayesha (2018-11-27) (en ۾). Moving Beyond the Binary: Gender-based Activism in Pakistan. https://opendocs.ids.ac.uk/opendocs/handle/123456789/14196. 
  3. Sahar, Naila (2018-10-02). "Things She Could Never Have". South Asian Review 39 (3–4): 420–422. doi:10.1080/02759527.2018.1518037. ISSN 0275-9527. 
  4. Staff, Images. "The Aurat March challenges misogyny in our homes, workplaces and society, say organisers ahead of Women's Day". Images. حاصل ڪيل 2019-03-07. 
  5. "Here's all you need to know about Aurat March 2019". NC. حاصل ڪيل 2019-03-09. 
  6. Reporter, The Newspaper's Staff. "Aurat March to highlight 'Sisterhood and Solidarity'". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2019-03-07. 
  7. Shah, Zuneera. "Why the Aurat March is a revolutionary feat for Pakistan". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2019-03-17. 
  8. Zahra-Malik, Mehreen (2019-03-15). "Pakistan torn as women's day march sparks wave of 'masculine anxiety'" (en-GB ۾). دي گارڊين. ISSN 0261-3077. https://www.theguardian.com/world/2019/mar/15/pakistan-torn-as-womens-day-march-sparks-wave-of-masculine-anxiety. 
  9. Toppa, Sabrina (2019-03-08). "Women take to the streets of Pakistan to rewrite their place in society". دي گارڊين. https://www.theguardian.com/global-development/2019/mar/08/women-take-to-the-streets-of-pakistan-to-rewrite-their-place-in-society-international-womens-day. Retrieved 2019-03-17. 
  10. Ebrahim, Ammar (2019-04-06). "The 'womanspreading' placard that caused fury in Pakistan" (en-GB ۾). https://www.bbc.com/news/stories-47832236. 
  11. Rehman, Zoya. "Aurat March and Undisciplined Bodies:". Medium. حاصل ڪيل 2020-03-04. 
  12. Moderator. "سکر ۾ عورت مارچ وارن طرفان مشعل بردار ريلي | سماچار نيوز" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-03-16. 

ٻاھريان ڳنڍڻا سنواريو