گاهه کائيندڙ جانور جي اوجهريءَ ۾ پيل کاڌو. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي:
اوجهه نه ڇنڊي -اوجهري-، توڙي ڌوپي منجهه درياهه
اوجهريءَ ۾ -اوجهه- اهڙو ته چهٽيل هوندو آهي، جو اوجهريءَ کي صاف ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي. ’-اوجهه- نه ڏيڻ’ هڪ اصطلاح آهي، معنى پنهنجو راز نه سلڻ.[1]