اوتارو سفر دوران، ٿڪ ڀڃڻ ۽ ڪجهه لمحن لاءِ وهٽن تان لهي ڊاٻو يا منزل ڪرڻ جي جاءِ، منزل گاهه، مڪان. مردن جي ويهڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ جي جاءِ، دائرو ۽ اوطاق. ”اوتاري“ جو اهم مفهوم آڳاٽي دور ۾ رائج هو، جيڪو هاڻي اصلوڪي مفهوم کان بدلجي ٻئي روپ ۾ رائج ٿي ويو آهي. موجوده دور ۾ ”اوتارو“ انهيءَ جاءِ کي چئجي ٿو، جتي ڳوٺاڻا يا شهري تڏن تي ويهي رهاڻ ڪندا آهن. ان رهاڻ ۾ زماني جو احوال يا سگهڙپائيءَ جي ڪچهري ۽ ڳائڻ وڄائڻ به ٿيندو آهي. واٽهڙو به اتي ويهي ڪا گهڙي ساهي پٽي وري پنڌ پون ٿا. ڀنگ پيئڻ جا هيراڪ به گهڻو ڪري اوتاري ۾ ئي آبو شابو ڪندا آهن. ڪن اوتارن جي اڳيان انگاس کوڙي ڇڏيندا آهن ته جيئن اهو آسائشي ڪم لاءِ مخصوص ٿئي ۽ ان تي قبضو نه ٿئي.[1]

حوالا سنواريو