اوئِنُ (Trailing/ Eclipta Prostrata) هڪ قسم جو ٻوٽو. هيءُ ننڍو ٻوٽو پاڻيءَ جي ڪنارن تي ٿئي ٿو، رنگ گهاٽو سائو ڪاراڻ مائل، پسارڪي وکر طور ڪم اچي ٿو. هن کي گهوٽي، ترن جي تيل ۾ ڪوسو ڪري، سوڄ تي ٻَڌبو ته ان کي نرم ڪري سُور لاهي ڇڏيندو آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. اوئن انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا(جي ويب-سرزمين)جلد پھريون سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع