هڪ ذات جو نالو، جيڪي گهڻو ڪري اُتر سنڌ ۾ رهن ٿا. -انڍڙ- پهريائين هندو هئا، پوءِ مسلمان ٿيا. اهي گهوٽڪي، سکر ۽ شڪارپور ۾ رهندڙ آهن. مسلمان ٿيڻ وقت هنن پنهنجا جڻيا لاهي، -پير موسيٰ نواب- جي درگاهه تي رکيا هئا. هن ذات مان مولوي عبدالقادر -انڍڙ- مشهور هاري ليڊر ٿي گذريو آهي. مولوي عبدالواحد سنڌي مرحوم، نئين زندگيءَ جو اڳوڻو -ايڊيٽر- به -انڍڙ- ذات مان هو.[1] اصل ھندو ھئا، پوءِ مسلمان ٿيا ۽ ھاري ۽ ڌنار ٿي رھيا. مسلمان ٿيڻ وقت جن پنھنجا جڻيا لاھي ڇڏيا، سي پير موسيٰ نواب جي درگاھ تي رکيل آھن، جو بھاول پور جي رياست ۾ آھي. ھي ماڻھو اڪثر گھوٽڪي، سکر ۽ شڪارپور تعلقن ۾ رھن ٿا.[2]

  1. انڍڙ : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو