انڊس شير (سنڌو جا شينھن) ورلڊ ريسلنگ انٽرٽينمنٽ (WWE) جي NXT پروگرام ۾ شامل ھڪ ٽيگ ٽيم (جوڙي) آھي. جيڪا سوروَ گُجر ۽ رنڪو سنگھ تي ٻڌل آھي.

انڊس شير جي شروعات سنواريو

25 مارچ 2020 تي ھن پنھنجي شروعات ڪئي جڏھن ھنن N X T جي ٽيگ ٽيم چئيمپين ھڪ رُڪن تي حملو ڪيو. انکان پوءِ 8 اپريل 2020 تي ھنن پنھنجي ريسلنگ جي شروعات ڪئي جنھن ۾ ھنن ايوَر رائيز (Ever-Rise) جي جوڙي جيڪا چيس پارڪر ۽ ميٽ مارٽيل (Chase Parker & Matt Martel) تي مشتمل آھي انکي ھارايو. انڊس شير نالي ھي جوڙي ترت ئي چيمپين ٿيڻ چاھي جو اظھار ھنن پنھنجي ڏنل انٽرويو ۾ پڻ ڪيو آھي.

انڊس شير جي جوڙي تعارف سنواريو

جڏھن سوروَ گُجر جو ڄم 5 جون 1984ع تي گوالِيار مڌيہ پرديش ۾ ٿيو. ھي ھڪ اداڪار پڻ آھي. 2019ع ۾ برهمسترا نالي فلم پڻ منفي ڪردار، 2016-2017 ۾ سوني ٽي وي جي ڊرامي سنڪٽ موچن مھابلي ھنومان ۾ راون ۽ والي جا ڪردار ۽ ان کان سواءِ اسٽار پلس جي ڊرامي مھا ڀارت(2013-2014) ۾ ڀيم جا ڪردار ادا پڻ ادا ڪري چڪو آھي.

رنڪو سنگھ جو تعلق اترپرديش انڊيا سان آھي ھي ھڪ پروفيشنل ريسلر ۽ پروفيشنل بيس بال جو رانديگر آھي. جيڪو 8 آگسٽ 1988ع تي ڀڊوھي ضلعي جي شھر گوپي گنج ۾ ٿيو.