انٽرنيشنل ٽيليڪميونيڪيشن يونين

گڏيل قومن جي خاص گماشتگري (ايجنسي)

بين الاقوامي برقياتي رابطائي اتحاد (بين الاقوامي برقياتي رابطائي يونين انگريزي ٻولي: International Telecommunication Union انٽرنيشنل ٽيليڪميونيڪيشن يونين) هيءُ ادارو گڏيل قومن جي سرپرستيءَ هيٺ ڪم ڪندو آهي، جنهن جو ڪم دُنيا ۾ ٽيليڪميونيڪيشن جي مڙني شعبن ۾ تحقيق، تعاون ۽ ڄاڻ جي مٽاسٽا ۽ دُنيا کي رابطائي حوالي سان هڪ ٻئي جي ويجهو ڪرڻ لاءِ ذميواري نڀائڻ آهي. هن اداري جو بُنياد آزاد حيثيت ۾ 17 مئي 1861ع تي پيو، پر پوءِ 10 جنوري 1949ع کان پوءِ گڏيل قومن جي نگرانيءَ هيٺ ڪم ڪرڻ لڳو. ان جو هيڊ ڪوارٽر سئٽزرلئنڊ جي راڄڌاني جنيوا ۾ آهي. هن جماعت (يونين) جا هيٺيان چار اهم شعبا آهن: [1]

  1. . جنرل سيڪريٽريٽ
  2. . انٽرنيشنل فريڪوئنسي رجسٽريشن بورڊ
  3. . انٽرنيشنل ريڊيوڪنسلٽئٽِو ڪميٽي
  4. . انٽرنيشنل ٽيليگراف ۽ ٽيليفون ڪنسلٽئٽو ڪميٽي

حوالا سنواريو