پروفيسر ڊاڪٽر انيس الدين ڀٽي 1957ع ڌاري سکر ۾ جنم ورتو. سندس وڏن جو تعلق اروڙ سان رهيو آهي، ناليواري اديب رشيد ڀٽي مرحوم سان ويجهڙائي رهيس، جو سندس ويجهو مائٽ هو. ڊاڪٽر انيس الدين، انٽر تائين تعليم سکر ۾ حاصل ڪئي، ايم. بي. بي. ايس جي ڊگري 1983ع ۾ سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ڪراچيءَ مان حاصل ڪيائين.

1992ع ۾ هن آرٿوپيڊڪ سرجريءَ ۾ ايف سي پي ايس ڪئي. هن سنگاپور، جرمني ۽ انگلينڊ مان فيلو شپ حاصل ڪيائين. پاڻ مختلف ذميواريون نڀائي رهيو آهي. جن ۾ پروفيسر آرٿوپيڊڪ ۽ ٽراما سينٽر جناح اسپتال ڪراچي؛ چيئرمئن پيڊياٽرڪ آرٿوپيڊڪ فورم پاڪستان، وائيس پريزيڊنٽ آرٿو پيڊڪ ايسوسيئيشن آف سارڪ (SAARC) جڏهن تہ هو پاڪستان آرٿوپيڊڪ ائسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري ۽ وائيس پريزيڊنٽ پڻ رهيو آهي. پروفيسر انيس الدين ڀٽيءَ آرٿوپيڊڪ سرجريءَ جي مختلف عنوانن تي ڪيترائي تحقيقي مضمون لکي ٻاهرين ملڪن ۾ ڇپايا آهن. پاڻ ٽن ڪتابن جو ليکڪ بہ آهي.

  1. History of JPMC, Karachi “JPMC a National Pride”.
  2. Archives of Orthopedic Surgery JPMC
  3. Manual of Operation Theater Management

ڊاڪٽر انيس ڀٽيءَ ملڪ جي ڪيترن ئي هڏين جي ڊاڪٽرن جي تربيت ۽ رهنمائي بہ ڪئي آهي ۽ ڪيترائي ڪامياب آپريشن بہ ڪيا اٿس. پاڻ ڪراچيءَ سان گڏ سکر ۾ بہ مريضن جي علاج لاءِ وقت ڏئي ٿو.[1]

حوالا سنواريو