انيارچا

مشهور هندستاني ليجنڊ جنگي سورمي ۽ هيروئين

انيارچا (انگريزي ٻولي: Unniyarcha) (جنهن جو نالو ڪڏهن انيئرچا پڻ اُچاريو ويندو آهي) هڪ مشهور ليجنڊ جنگي سورمي ۽ هيروئين آهي، جنهن جو ذڪر وداڪان پٽوڪل، اُتر مالابار جي پراڻي گيتن ۾ ڪيو ويو ويندو آهي. هي ڪداٿاند ۾ پوٿورام ويد جي مشهور ٿيوار چيڪاور خاندان منجهان هئي. سندس پيءُ جو نالو ڪنناپا چيڪاور هيو.[1] خيال ڪيو ويندو آهي تہ هوءَ 16هين صدي دوران ڪيرالا، هندستان جي اُترئين حصي ۾ رهندي هئي.[2][3] هيءَ ڪلريپايٽو مارشل آرٽ ۾ پنهنجي سورهيائي ۽ مهارت سبب ڪيرالا جي لوڪ داستانن ۾ ياد ڪئي ويندڙ مقبول ڪردار آهي. کيس ست سال جي ڄمار ۾ ڪلاري جي سکيا ملي هئي.[4].

تاريخ سنواريو

اتومنميل انيارچا جو تعلق اُتر ملابار جي مشهور پٿورام ويدو سان هيو.[5][6] اتومانميل ڪنجي رامن سان انيئرچا جو پرڻو ٿيو هيو.[7] اتميل ڪنجيرامن وٽ هڪ ڪلري هئي جنهنکي پوٿوسري ڪلري چيو ويندو هيو، جيڪو اڄ پڻ ڪيرالا جي ڪنور ضلعي ۾ موجود آهي. هيءَ ارومل چيڪاور ۽ انيڪنان جي ڀيڻ هئي. چندو چيڪاور (يا چندو) جي محبت کي انيئرچا بيقدري سان ٺوڪر لڳائي ڇڏي هئي، جنهن جي سبب چندو چيڪاور ائيرچا جي ڀاءُ ارومل کي قتل ڪري ڇڏيو هيو.تنهنکانپوءِ، انيئرچا جي پُٽ اروملوني، چندو کان بدلو ورتو.[8] انيئارچا جي بهادري ۽ خوبصورتي سبب سندس ساراهہ ڪئي ويندي آهي ۽ اڄ تائين ان افساني کي اتهاس ۾ ياد رکيو ويندو آهي.

انيارچا جي جوناڪا ماپيئلا سان مقابلي کانپوءِ انيارچا جي بهادري ڏند ڪٿا جو قصو بڻجي وئي.موپيلا (معنيٰ گهوٽُ) هڪ معتبر لقب هو، جيڪو مالابار سامونڊري ڪنارو ڏانهن ايندڙ واپارين ۽ مهاجرن کي ان علائقي جي مقامي هندو ماڻهن پاران اعزاز ۾ ڏنو ويندو هيو.هڪڙي لڙائي ۾، ڪُنهيرامن کي شڪست جو مُنهن ڏسڻو پيو ۽ ان کيس ٻَڌي باندي بڻايو ويو پر انيارچا پنهنجي يورومي جي مدد سان ڪلاري هنر جي سُٺِي ڪارڪردگي وسيلي ڪيترن ئي ماڻهن کي گهائيل ڪري ڇڏيو. هن پاڻ کي ارومل چيڪاور جي ڀيڻ اعلان ڪيو ۽ پوءِ گنڊن کي سخت نتيجا ڀوڳڻ جي چتاوڻي ڏني ۽ کين تباهہ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏنائين. گينگ جو سرواڻ گهٻرائجي ويو کيس پرسڪون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن انهن سان وعدو ڪيو تہ هو هن علائقي ۾ هاڻي ٻيهر ڪنهن به زائفان کي ڪڏهن به هراسان نہ ڪندا. يوناڪا انيارچا جي پيرَن تي ڪري پئي ۽ معافي ورتائين کيس ڪيترائي تحفا ڏنائين. اهڙي ريت انيارچا ناري جي سورهيائي جي علامت بڻجي وئي، جيڪا پاڻ شڪتي جي هڪ مجسمو آهي. هي واقعو پوءِ مالابار جي سامونڊي ڪناري ۾ ماپيلائن جي اڳواڻي هيٺ عربي غلام تجارت جي خلاف ديسي بغاوت جو هڪ اهم واقعو بڻجي ويو.[9]

مقبول ثقافت ۾ سنواريو

انئيارچا جي داستان سان انئيارچا (1961)، ارو واداڪان ويراگٺا (1989)، ۽ پوٿورامپوتري انيئيارچا (2002) جهڙيون فلمون ٺاهيون ويون آهن.ايشيانيٽ (2006) ۾ انئيارچا جي نالي سان هڪ ٽيلويويزن سيريل نشر ڪيو ويو هيو.تنهنکانپوءِ سندس ڪردار ويرام (2016) ۾ پڻ ڏيکاريو ويو هيو.

پڻ ڏسو سنواريو

حوالا سنواريو

  1. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2020-11-21 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2020-02-09 
  2. "History of Malayalam Literature: Folk literature". وقت 2012-07-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2013-08-09.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  3. "Meet Padma Shri Meenakshi Gurukkal, the grand old dame of Kalaripayattu - The 75-year-old Padma winner is perhaps the oldest Kalaripayattu exponent in the country". 
  4. "What MT did to Unniyarcha - Deccan Chronicle". Dailyhunt. حاصل ڪيل 2019-03-12. 
  5. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named :03
  6. "History of Malayalam Literature: Folk literature". وقت 2012-07-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2013-08-09.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  7. Gangadharan, Dr. Thikkurissi (1984). Puthariyankam. DCBooks. pp. 148. 
  8. Ayyappapanicker, K. (2000). Medieval Indian Literature: An Anthology. ساهتيا اڪيڊمي. pp. 316. ISBN 81-260-0365-0. 
  9. "Warrior Woman "Unniyarcha": The Kalarippayattu legend of Kerala". Shaktitva. حاصل ڪيل 2020-03-01.