سنڌي ٻوليءَ ۾ افسانن ۽ مشاهدن جو ڪتاب، جيڪو پروفيسر رام پنجواڻيءَ لکيو آهي. هيءُ ڪتاب 1965ع ۾ ڇپيو. ڪتاب 188 صفحن تي مشتمل آهي. ليکڪ کي هن ڪتاب تي ڀارت جي ساهتيه اڪادمي دهليءَ طرفان -انعام- به مليو. ڪتاب ۾ 16 افسانا ۽ مشاهدا ڏنل آهن. ڪتاب جو مهاڳ -ٻلديو گاجرا- جو مهاڳ لکيل آهي. ڪتاب ۾ شامل افسانن ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته ايشور (خدا) ۾ اٽل عقيدو ئي انساني ڪاميابيءَ جو راز آهي. ڪتاب ڪرائون سائيز ۾ ڇپيل آهي.[1]

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو انوکا آزمودا

حوالا سنواريو