ڪهاڻيڪار، ناول نويس ۽ ڊرامي نگار -انور بلوچ- جو -جنم-، 16 -اپريل- 1952ع تي ڳوٺ محمد حسين -بليدي-، تعلقي نصير آباد، ضلعي شهدادڪوٽ ۾ ٿيو. -تعليم- بي. -ايس-. سي (فاريسٽري) ۽ ايم. اي اڪنامڪس اٿس. -ان- کان علاوه -آبپاشي- ۽ واٽر مئنيجمينٽ بابت -آمريڪا- ۽ لاهور مان تربيت ورتل اٿس. سندس -تصنيف- ۾ سنگسار (ڪهاڻيون: 1990ع) اي ٽرپ ٽو -آمريڪا- (سفرنامو: 1996ع)، -ٿوهر ڳاڙها گل- جلد- پهريون (نوٽ بوڪ تان: 1998ع)، ميرو -پاڻي- سنڌوءَ جو (ڪهاڻيون: 2000ع)، ڪارو -پاڻي- (ڪهاڻيون: 1998ع)، آڪاش کان اڳتي (ناول:1998ع) -ٿوهر ڳاڙها گل- جلد-ٻيو (نوٽ بوڪ تان: 2004ع)، مان منصور ته ناهيان پر...... (مضمون، مقالا ۽ مهاڳ: 2004ع)، پلصراط تي هڪ وک (ڪهاڻيون: 1996ع)، دوزخ مان دري (ناول: 2006ع)، ديس نماڻو ارڏا ماڻهو (مهاڳ، مقالا، مضمون: 2009ع) ۽ ايلشبا (ناول: 2009ع)، -باک- ڦٽيءَ جو سوجهرو (ناول:2009ع) شامل آهن. هن وقت ڊويزنل فاريسٽ آفيسر آهي.[1]