انور احمد خان مھر

انور احمد خان مهر ولد شاهنواز خان مهر 16 نومبر 1951ع ۾ ڳوٺ -تماچاڻي- ضلعي سکر ۾ ڄائو. هو ايم. اي سان گڏ ايل ايل بي آهي، پر پيشي جي لحاظ کان زميندار آهي. 2002ع وارين چونڊن ۾ ايم. پي. اي چونڊيو هو. -ان- کان اڳ 1979ع 1983 ۽ 1987ع ۾ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهيو. 2006ع ۾ ٽيننسي ايڪٽ ۾ ترميمن جي سفارش لاءِ جوڙيل خاص ڪميٽيءَ جو ميمبر هو. هن 2008ع ۾ پ پ جي -ٽڪيٽ- تي شڪارپور جي -تڪ- پي -ايس- 2 مان چونڊ کٽي ۽ هن وقت گهرو معاملن بابت -اسيمبلي- جي ڪميٽيءَ جو چيئرمئن پڻ آهي.[1]

حوالا سنواريو