انفارميشن ٽيڪنالوجي

اطلاعاتي طرزيات: انفارميشن ٽيڪنالوجي هڪ ڪاروباري سيڪٽر آهي، جيڪو ڪمپيوٽنگ، بشمول هارڊويئر،سافٽوئير،مواصلات ۽ عام طور جيڪي ڪجهه به معلومات جي ترسيل ۽ مواصلات کي آسان بڻائي.انفارميشن ٽيڪنالاجي ڊيٽا جي ترتيب،جهڙوڪ ٽيڪسٽ يا لکت ، آواز، تصوير، ڇاپو يا ڪنهن ٻئي صورت ۾ هجي

جڏهن ڪمپيوٽر ۽ ڪميونيڪيشن -ٽيڪنالاجي- پاڻ ۾ گڏجي ٿي ته -انفرميشن ٽيڪنالاجي- ”انفوٽيڪ“ جو -جنم- ٿئي ٿو. هيءَ -ٽيڪنالاجي- اهو ٻڌائي ٿي ته ڪيئن معلومات ڪمپيوٽر ذريعي -تخليق- ڪجي، -ان- جو تحفظ، منتقلي، مٽاسٽا ۽ ڦهلاءُ ڪيئن ڪجي؟ عام طور تي جڏهن اسين -انفرميشن ٽيڪنالاجي- بابت ڳالهايون ٿا، تڏهن اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته -ان- ۾ ڪمپيوٽر جو استعمال ۽ معلومات جي موجودگي هڪٻئي لاءِ لازم ملزوم آهن. سانئسي طور تي انفرميشن ٽيڪنالاجيءَ جي وصف هيٺين ريت ٿيندي. ڪمپيوٽر سان تعلق رکندڙ معلومات جي -تخليق-، ڊزائيننگ، منتقلي، واڌاري، سڌاري، سپورٽ ۽ ترتيب واري سائنسي علم کي -انفرميشن ٽيڪنالاجي- چئبو آهي. سافٽ ويئر (پروگرام) ذريعي ڏنل معلومات جي مٽاسٽا، منتقلي، جمع -بندي-، حفاظت، اُن جي نشريات ۽ بحالي وغيره -انفرميشن ٽيڪنالاجي- جا اهم جزا آهن. موجوده وقت ۾ هي اصطلاح تمام گهڻي وسعت حاصل ڪري چڪو آهي ۽ ڪمپيوٽنگ ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ڪيترن ئي پاسن کي پنهنجي دائري ۾ آڻي ٿو. هن شعبي سان لاڳاپيل ماڻهو نيٽ ورڪنگ، انسٽاليشن ۽ ڊيٽا بيس جي مختلف شعبن ۾ پنهنجي ڊيوٽي انجام ڏين ٿا. نه صرف ايترو، پر ادارن ۾ ڊيٽا مئنيجمينٽ، نيٽ ورڪنگ، هارڊ ويئر، انجنيئرنگ، سافٽ ويئر ڊزائينگ، ويب ڊزائينگ ۽ ڪمپيوٽنگ واري سموري نظام جي ترتيب ۽ تنظيم به هن شعبي جي ماهرن جي محنت جو نتيجو آهي. هيءُ اصطلاح سڀ کان پهرين مشيگان جي جم ڊامسڪ (Jim Damsic) نومبر 1981ع ڌاري ايجاد ڪيو. ڊامسڪ، موٽرگاڏين سان لاڳاپيل هڪ ڪمپنيءَ ۾ ڪمپيوٽر مئنيجر طور ڪم ڪندو هو. سندس خيال هو ته ”ڊيٽاپروسيس“ وارو اصطلاح، جيڪو 1958ع کان استعمال ٿي رهيو هو، هاڻي ڪم جو نه رهيو آهي، تنهنڪري -ٽيڪنالاجي- جي ترقيءَ ۽ جدت کي نظر ۾ رکندي، -ان- جي جڳهه تي ڪو نئون اصطلاح جوڙجي ۽ اُن کي -انفرميشن ٽيڪنالاجي- سڏڻ گهرجي. موجوده وقت ۾ دنيا جي سمورن ملڪ جي يونيورسٽين ۾ هن شعبي جو قيام عمل ۾ آندل آهي، جنهن سان هن شعبي جي ماهرن جو هڪ وڏو انگ مختلف ادارن ۾ پنهنجون خدمتون انجام ڏيئي، هر ملڪ جي ترقيءَ ۾ پائيداري پيو ڪري.[1]

حوالا سنواريو