ناليوارو اديب، نقاد، مترجم، ڪالم نگار ۽ مضمون نويس انعام شيخ، 3 فيبروري 1962ع تي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. سندس خانداني نالو انعام الله پٽ حاجي گل محمد شيخ آهي. ڪراچي يونيورسٽيءَ مان بي. اي آنرس (فلاسافي) ڪري، سنڌ يونيورسٽي مان ايم. اي انٽرنيشنل رليشنز ۾ ڪيائين. پهرين -اردو- ڪاليج ڪراچيءَ ۾، 5 ڊسمبر 1989ع تي ليڪچرر ٿيو، -ان- کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. 2008ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو. هي -آڪٽوبر- 2003ع کان -جولاءِ- 2006ع تائين -ٽن- سالن لاءِ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري رهيو ۽ ڪيترا ڪتاب ڇپرايائين ۽ هن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ ڄام شوري ۾ انٽرنئشنل رليشن ڊپارٽمينٽ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ڪم ڪري رهيو آهي. انعام شيخ بهترين مترجم آهي، سندس ترجمو ڪيل ڪتاب گهڻو پسند ڪيا ويا آهن. سندس ڪتابن ”سوچ جو سفر“(1996ع)، “اِتهاس جا آواز“(1997ع)، ”سونهن، عشق ۽ سنسار“(1998ع) ۽ ”سماج ۽ ادب“ (1999ع) کي وڏي پذيرائي ملي. سندس مضمون ڪالم ۽ ترجما مختلف اخبارن، ڪتابن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. سندن مضمونن ۽ ڪالمن جو ڪتاب ”سنڌ ورن ڳالهيون“ ڇپائيءَ هيٺ آهي. کيس بهترين ترجمي نگار طور سنڌي ادبي سنگت سنڌ، سنڌ گرئجوئيٽ ائسوسيئيشن ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران اوارڊ مليل آهن. کيس -پاڪستان- سطح جو وڏي ۾ وڏو صحافتي اوارڊ APNS (96-1995۽ 95- 1994ع) پڻ ملي چڪو آهي. هن وقت هو ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ. ڊي ڪرڻ جي تياريءَ ۾ آهي.[1]

حوالا سنواريو