انسان جي جتماعي تنظيم
اجتماعي تنظيم: ٻه ماڻهو پاڻ ۾ وڙهن ٿا، هڪ ٻئي کي ڪيرائي کيس قتل ٿو ڪري ۽ چئي ٿو ته جيڪو جيئرو آهي اهو صحيح آهي ۽ جيڪو قتل ٿيو اهو غلطيءَ تي هو. اهو اڄ به بين الاقوامي جهيڙا نبيرڻ جو اهوئي طريقو آهي. هنن جي ڀيٽ ۾ ٻه ماڻهو ٻيا ڏسو. هي به وڙهن ٿا. هڪ ٻئي کي چئي ٿو ته جهيڙو ڇڏيون جو متان جهيڙي ۾ مارجي نه وڃون، ان ڪري هل ته ڪنهن چڱي مڙس وٽ هلي نبيرو ڪرايون. جنهن وقت هن هڪ ٻئي کي ائين ٿي چيو اهو وقت انسان جي تاريخ جو سڀ کان اهم وقت هو. انهن مان هڪ ڄڻي جي به ناڪار سان وحشي پڻو جاري رهي ها. پر هنن جي هاڪار سان تهذيب هڪ ٻيو مرحلو طي ڪري ورتو. اهو مرحلو انتشار جي جاءِ تي تنظيم، وحشي پڻي جي جاءِ تي تدبر ۽ ڏاڍائيءَ جي جاءِ تي قانون جو احترام هو اجتماعي تنظيم فطرت کان مليل سوکڙي آهي جنهن جي پناهه ۾ رهڻ جي ڪري اسان ان جي اهميت کي نٿا سمجهون. ان جي اهميت جي خبر تڏهن ٿي پئي جڏهن اسان دنيا جي اهڙن حصن ۾ سفر ٿا ڪيون جتي اڃا تائين انتشار ۽ بدنظمي آهي. اسان جون اسمبليون سچ پچ ته اهڙيون ايجادون آهن جن تي اعتبار ڪري نٿو سگهجي ۽ جيڪي وچولي ذهن جي نمائندگي ٿيون ڪن. پر ان هوندي به اسان کي زندگي ۽ جائداد جو تحفظ حاصل آهي ۽ ان جو قدر اسان تڏهن ٿا ڪيون جڏهن ڪو انقلاب يا ڪا گهرو لڙائي ان کي وحشي پڻي ۽ بربريت ۾ بدلائي ٿي ڇڏي. اڄ جي دور جي سفر جي وچولي دور واري يورپ ۾ سفر سان ڀيٽ ڪيو جڏهن هرطرف رهزن هئا. تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ اهڙو انتظام ۽ اهڙي آزادي نظر نٿي اچي جيڪا اڄڪلهه جي انگلستان ۾ نظر ٿي اچي. آمريڪا ۾ به جيڪڏهن اتان جي ميونسپالٽين ۾ قابل ماڻهن کي جاءِ ملي ته اتي به اهڙا امڪان پئدا ٿي وڃن. اسان کي بهرحال سياسي خرابين ۽ جمهوري بدنظميءَ کان ايڏو پريشان ٿيڻ نه گهرجي. سياست زندگي نه آهي زندگيءَ جو رڳو هڪڙو رُخ آهي..... انهن جي خرابين جي تَہه هيٺ سماج ۾ روايتي نظام قائم آهي جيڪو ڪٽنبن، اسڪولن ۽ ٻين هزارين ادارن جي صورت ۾ اسان جي تخريب پرست فطرت کي تعاون ۽ نيڪيءَ ۾ بدلائي ٿو. اسان کي ان ڳالهه جو خيال نٿو رهي ته اسين هڪ اهڙي سماجي نظام جو جزو آهيون جيڪو سوين نسلن جي ڪوشش ۽ ناڪامين، صدين جي علم ۽ دولت جو ڦل آهي.[1].
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب جو نالو: فلسفي جون راحتون ،ليکڪ: وِل ڊيوران سنڌيڪار، آغا سليم ؛ايڊيشن 2016 ؛ڇپائيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو