انساني ڀلاين جو ديني شعور

سانچو:Underlinked


هيءُ ڪتاب علامه علي خان ابڙي جو لکيل آهي، جنهن ۾ -اسلام- ۽ علم دين جي ضرورت، -اسلام- جي صداقت، -توحيد- ۽ مساوات، دين جي اعليٰ مقصد، -اسلام- جي يگاني خصوصيت، -اسلام- جي مکيه اصولن،ا خلاقي تعليمات جي وسعت، قرآن پاڪ جي نزول، محبت جي اسلامي فلسفي ۽ ٻين سماجي مسئلن تي مضمون شامل آهن. ستر اسي سال اڳ سنڌ جي ٻهراڙين مان اُسرندڙ شعور کي جنهن -تعليم-، حڪمن ۽ شعور جي ضرورت هئي، علامه علي خان ابڙي هن ڪتاب ۾ -ان- جي زوردار دستڪ ڏني آهي. هنن مضمونن جي افاديت اڄ به ساڳي آهي. هن ڊيمي سائيز جي 130 صفحن تي مشتمل ڪتاب جو موجوده ڇاپو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ 1997ع ۾ ڇپايو آهي ۽ خوبصورت ٽائيٽل واري هن ڪتاب جي قيمت 30 رپيا آهي. هيءُ ڪتاب، آزاد ڪميونيڪيشنز ڪراچيءَ ڇپيو آهي.[1]

حوالا سنواريو

سانچو:Uncategorized