اندرا واسواڻي- جديد سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ اهم نالو آهي. هن 21 -آگسٽ- 1936ع تي ميرپور خاص، سنڌ ۾ -جنم- ورتو. ايم. اي. -ايس-، ٽي. سي ۽ بي. ايڊ تائين -تعليم- حاصل ڪيائين. جي. -ايس- آدرش ڪنيا مها وديالا گانڌيڌام (ڪڇ) جي پرنسپال رهي چڪي آهي. هن وقت رٽائرڊ زندگي گذاري رهي آهي. هن پهرين ڪهاڻي ”کيٽو“ عنوان سان 1958ع ۾ لکي. هن ڪهاڻين لکڻ سان گڏ شاعري ڪئي ۽ مضمون به لکيا آهن. سندس مختصر ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”نالو“ آهي، جڏهن ته سندس ڪهاڻين جا ٻه ٻيا مجموعا ”منجري، سنڌي ٽائيمس“ پبليڪيشن الهاس نگر پاران -اپريل- 1996ع ۾ ۽ ”-ٿر-“، ڪونج پبليڪيشن ممبئيءَ پاران -جنوري- 2002ع ۾ ڇپجي مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هن ڪهاڻين ۾ عورت جي جذبن جي عڪاسي ڪئي آهي. هوءَ هڪ ماهر -تعليم- دان آهي ۽ ڀارت سرڪار کيس ”اعليٰ اڌياپڪا“ جو خطاب ڏئي سندس مڃتا ڪئي آهي. هن جون ڪهاڻيون هندستان جي ڪيترين ئي زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪيون آهن. هوءَ مشهور ڪوتاڪار، ڪهاڻيڪار ۽ نقاد هريش واسواڻيءَ جي گهر واري آهي ۽ هن وقت آديپور (ڪڇ) ۾ رهائش پذير آهي.[1]