انا پرنا مھارانا

اوڙيا (اُڙيسا) ڀارت جي تحريڪ آزادي جي ويڙهاڪ

اناپرنا مھارانا انگريزي ٻولي: Annapurna Maharana ڀارت جي تحريڪ آزادي جي ھڪ سرگرم ڪارڪن ھئي۔[1] ھوءَ سماجي ۽ نسواني حقن جي بہ ھڪ ڪارڪن ھئي۔ [2] مھارانا موھن داس گانڌي جي اتحادي ھئي۔[3][1]

اناپورنا مهارنا Annapurna Maharana
Annapurna Moharana
پيدائش 03 نومبر 1917(1917-11-03)
اوڙيسيا, انڊيا
وفات 31 ڊسمبر 2012 (عمر 95 سال)
ڪٽڪ, اوڙيسا, انڊيا
قوميت هندستاني
شھرت جو ڪارڻ آزادي جي ويڙهاڪ, ايڪٽوازم (سماجي ڪارڪن)
جيون ساٿي شرات چندرا مهاراڻا
ٻار ٻچا ڪرمديو مهاراڻا, گياناديو مهاراڻا

سوانح سنواريو

اناپرنا مھارانا 3 نومبر 1917 جي اڙيسا ۾ پيدا ٿي ھئي۔ ھؤ راما ديوي ۽ گوپاباندھو جي ٻئيءَ اولاد ھئي.۔[1][2][4] اناپرنا جا والدين بہ تحريڪ آزادي ۾ گڏيل بادشاھت سان حصا وٺندان رھيا۔ ھن 14 سال جي عمر ۾ ڀارت جي تحريڪ آزادي ۾ حصا وٺڻ شروع ڪيا ۽ موھن داس گاندھي جي حامي ٿي وئي۔ 1934 ۾ مھارانا ، گانڌي جي ھمراہ پوري اڙيسا جي بھدرڪ ھوجڻ واري ھريجن پڊا ياترا ۾ شريڪ ھئي۔ تحريڪ آزادي ۾ سرگرميون جي سبب کان مھارانا کي ڪيترائي ڀيرا جيل ۾ به وڌو ويو۔ 1942 ۾ ڀارت ڇڏيو تحريڪ ۽ عوامي نافرماني تحريڪ جي دوران بہ مھارانا جيل وئي هئي۔ آزادي کانپوءِ، مھارانا ٻارن ۽ عورتن ڏانهن ڌيان ڏنو۔ ان جي رايگڙا ضلعو ۾ ھتان جي قبائلي ٻارن جي لاءِ ھڪ اسڪول جي بنياد وڌائين۔ ونوبا ڀاوي جي شروع ھوئي ڀودان تحريڪ سان بہ مھارانا واستا رھئا۔[1][2][3]

ايميرجينسي جي دوران ھن راماديوي چوڌري سان گڏ ڏنون، ۽ ان جي اخبار کي اشاعت ۾ معاون رھي۔ ھيءَ اخبار گرام سيوڪ پريس پاران ڇاپي وئي هئي، ۽ ايمرجينسي جي دوران حڪومت ھن تي پابندي لڳائي هئي۔ اڙيسا جي ٻين اڳواڻن، نباڪرشنا چوڌري، ھري ڪرشنا مھاتاب، منموھن چوڌري وغيرہ جي ھمران کي بہ گرفتار ڪيو ويو هيو۔[5]

19 آگسٽ 2012 جو ڪٽڪ ۾ مھارانا جي گھر ھڪ تقرير ھئي۔ جنھن ۾ اڙيسا جي مرڪزي يونيورسٽي جي اعزاز ڊگري سان کيس نوازيو. [6] مھارانا جي وفات 31 ڊسمبر 2012 کان 96 سال جي عمر ۾ ڪٽڪ، اڙيسا ۾ ٿي ۽ 2 جنوري 2013 ۾ ان جي تدفين ٿي هُئي۔[3] اڙيسا جي اڳوڻِي گورنر مرلي دھار چندرڪانت بھنڊارا، ۽ وزير اعليٰ نوين پٽنايڪ جي مھارانا جي وفات تي غم جو اظھار ڪيو.

حوالا سنواريو