ڪنهن به ملڪ جي زرعي پيدوار، جيڪا -اناج- جي صورت ۾ هجي، ۽ اُهو رِڌي کائجي. جيئن چانور، ڪڻڪ، جوئر، -ٻاجهر-، -جَوَ-، مڪائي وغيره. قديم زماني ۾ اهي سڀ جنسون گاهه ۾ شامل هيون، -جن- کي پوءِ -انسان- ذات پنهنجيءَ حڪمت سان، سٺيءَ زمين ۾ سلا هڻي، انهن جي پوک کي ارتقائي صورت تي رسايو. -ان- کان پوءِ -اناج- ذريعي پوک ٿيڻ لڳي. اَنَ کي ”-اناج-“ به چوندا آهن. اَن کي -برڪت- جي علامت سمجهي -ان- کي ”نور“ به سڏيندا آهن. ”-ان- ڀٽاري“ طور قسم به کڻبو آهي. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”اَنُ آهي ته -ايمان- آهي.“[1]

Dhaniyangal