امين محمد عرف غلام حيدر ولد ولي محمد لغاري، 7 جون 1966ع تي ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ ۾ -جنم- ورتو. پرائمري -تعليم- پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ مئٽرڪ، گورنمينٽ هاءِ اسڪول سانگهڙ مان ڪيائين. 1984ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سانگهڙ مان بي. اي ۽ 1991ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان، ماس ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ مان ايم. اي ڪيائين. -ان- شعبي ۾ پڙهائيءَ دؤران، يونيورسٽيءَ طرفان نڪرندڙ مئگزين، ”يوني مئگ“ جي -اردو- حصي جو اسسٽنٽ -ايڊيٽر- رهيو. پڙهائيءَ دوران ’ماس ڪميونيڪيشن سوسائٽيءَ‘ جو صدر رهيو ۽ انهيءَ پليٽ فارم -تان- يونيسيف جي سهڪار سان ’سنڌ نيٽ ورڪ فار چلڊرين‘ (سڄڻ) نالي تنظيم جو پايو وڌو ويو ۽ -امين لغاري- -ان- تنظيم جي بانيڪارن مان هو. -ان- کان سواءِ هي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ’ڪميونيڪيٽر‘ نالي خبرنامي جو -ايڊيٽر- به رهيو. ايم. اي جي ڊگري وٺڻ کان پوءِ ساڳئي سال پريس انسٽيٽيوٽ آف -پاڪستان- ڪراچيءَ ۾ هڪ سال تائين ريسرچ آفيسر رهيو. بعد ۾ ڪراچيءَ مان نڪرندڙ -انگريزي- -اخبار- ”سنڌ ايڪسپريس“ جو حيدرآباد ۾ بيورو چيف پڻ رهيو. -ان- کان اڳ ”فرنٽيئر پوسٽ“ حيدرآباد بيورو آفيس ۾ صحافت جي عملي سکيا ورتائين. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ (1)”جديد صحافت“ (2) ”دنيا جون مشهور شخصيتون“ (ترجمو) ۽ ”پرنٽ ٽيڪنالاجيءَ جي ڊڪشنري“ اچي وڃن ٿا، جڏهن ته هڪ ڪتاب ’ماس ميڊيا‘ ڇپائيءَ هيٺ آهن. -ان- کان سواءِ مرزا قليچ بيگ تي سنڌي -ٻولي- نمبر محترم -تاج- جويي سان گڏجي ترتيب ڏنائين. جيڪو 1993ع ۾ ڇپيو. مئي 1992ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ريسرچ اسسٽنٽ طور ڀرتي ٿيو، 10 -آڪٽوبر- 1992ع تي کيس پبليڪيشن ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪيو ويو. 1 -آگسٽ- 1995ع تي پبليڪيشن آفيسر مقرر ٿيو. -ٻولي- اٿارٽيءَ جي خبرنامي ’سنڌي -ٻولي- جو باني -ايڊيٽر-‘ آهي، جيڪو هن وقت تائين سلسليوار شايع ٿي رهيو آهي. -ان- کان علاوه هن اٿارٽيءَ جا 3 سووينيئر ترتيب ڏنا آهن. 1992ع کان 2001 تائين پروگرام شعبي جون ذميداريون نڀايائين ۽ 1992ع کان 1997ع تائين پبلڪ رليشن آفيسر به رهيو. -جنوري- 2001ع ۾ اٿارٽيءَ جو بيورو آف پبليڪيشن ۽ پراڊڪشن قائم ٿيو ته امين لغاريءَ کي -ان- جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي پرائمري نصابي ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ رهيو. ’-الک-‘ گروپ آف پبليڪيشن جي سنڌ لائيٽ جي -ايڊيٽوريل- بورڊ جو ميمبر پڻ رهيو. هن وقت ڊائريڪٽر پبلڪيشن اينڊ پراڊڪشن طور سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.[1]