آڳاٽي وقت ۾ -اميناڻي- شهر ۾ سنڌو درياهه جو -بندر- هو. هن شهر جا نيڪ مرد سيد آهن. اميناڻيءَ ۾ هڪ درويش جو آستان آهي، جنهن کي هندو ”راجل وير“ چوندا آهن ۽ مسلمان ”-امير- پير“ چوندا آهن. سنڌو درياهه جي وهڪري بدلجڻ ڪري -اميناڻي- -بندر- ختم ٿي ويو. -اميناڻي- شهر ۾ هڪ وڏو مندر هو، جنهن جا آثار اڄ به ملن ٿا. -امير- پير جو ميلو به هر سال لڳندو آهي. هن ميلي تي شڪارپور ۽ حيدرآباد کان هندو ياتري مقرر -تاريخ- تي ايندا آهن، جنهن ۾ تِل ڦُل جو انتظام، اميناڻيءَ کان لڏي ويل پانڌيئڙا ڪندا آهن.[1]

حوالا سنواريو